ٿر ڪول بلاڪ 2 ۾ ريلوي پٽڙي جي تعمير خلاف ڀيل برادري جو احتجاج، گهر ڊيميج ٿيڻ تي انصاف جو مطالبو

Spread the love

اسلام ڪوٽ (رپورٽ: احمدعلي سانگي) ٿر ڪول بلاڪ 2  جي ڳوٺ ٻٽڙا جي رهواسين ڀيل برادري جي ماڻھن گورڌن، شنڪر، مولچند، هوتو، اتم، پنهون، چيتن، مصري. ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته ٿر ڪول ڏانهن ريل لاء پٽڙي وڇائڻ جو ڪم جاري آھي جيڪا اسان جي گهرن جي بلڪل ڀرسان پٽڙي گذاري پئي وڃي جنهن سبب اسان جا 30 گهر متاثر ٿي رهيا آھن

هن وقت پٽڙي جي هلندڙ ڪم جي ڪري مشينري مٽي جي ليول ڪري رهي جنهن سبب اسان جا گهر بلڪل ڊيميج  ٿي ختم ٿي رهيا آھن اسين گهرن ۾ ويٺا آھيون ٺيڪيدار چوي ٿو ته توهان گهر خالي ڪري ڀڄي وڃ اسان پنهنجا اجها ڇڏي ڪهڙي طرف وڃو اسان سان سراسر ناانصافي ٿي رهي آھي پهرين اسان کي ٻڌايو ويو ته توهان روينيو عملدارن سان ملو توهان کي ري سيٽل ڪري ٻيا گهر ٺاهي ڏنا ويندا اسان روينيو عملدارن ڊي سي آفيس اي سي آفيس مختيار ڪار آفيس ۽ چونڊيل نمائندن کي به شڪايتون ڪيون پر ڪير به دانهن ٻڌڻ لاء تيار ناهي اسين انتهائي مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آھيون

اسان کي زبردستي لڏائڻ گهر خالي ڪرڻ جو چيو پيو وڃي اسان آخر ڪار پنهجا ٺھيل گهر ڇڏي ڪيڏانهن وڃو اسان سنڌ حڪومت توڙي ريلوي جي اعلا اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي

آگسٽ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو