چيلهار ويجهو چوپايو مال پراسرار بيماري وگهي مرڻ لڳو، ڳوٺاڻن لاڳاپيل کاتي کان هنگامي ڪارروائي جو مطالبو
چيلهار ( رپورٽ : غلام رسول نھڙيو) چيلهار ڀرسان چوپايو مال پراسرار بيماري وگهي مرڻ لڳو، وٿاڻ خالي ڀاڳين جا مٿي تي هٿ، لاڳاپيل کاتو اگھور ننڍ ستل خبر موجب : چيلهار ويجهو ڳوٺ ڏبڙڇا ۾ چوپايو مال پراسرار بيماري وگهي ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا آهن،
جنهن ڪري ڀاڳوند ماڻهو انتهائي پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته چوپايو مال ساماڙو، فڦڙيو، ۽ بخار سميت مختلف بيماري وگهي مري رهيو آهي. جنهن ڪري اسان انتهائي پريشاني جو شڪار آهيون، اسان ٿري مارو ماڻهن جي سفر گذر جو واحد ذريعو چوپايو مال آهي جيڪو پڻ بيماري وگهي مري رهيو آهي، ڳوٺاڻن لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي
ته هنگامي بنيادن تي اسان جي ڳوٺ ۾ ٽيمون موڪلي چوپائي مال جو علاج ڪرائي اسان جي مشڪلاتن جو ازالو ڪيو وڃي
آگسٽ 26, 2025