سڪرنڊ ۾ دعوت اسلامي پاران 1500 ساله جشن ولادت جي شاندار تقريبون

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) دعوت اسلامي پاران حضور سرور ڪائنات ﷺ جن جو 15 سئو ساله جشن ولادت انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ ربيع الاول جو چنڊ نظر ايندي ئي جشن ولادت جي سلسلي ۾ ڇهن الڳ الڳ هنڌن تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جون تقريبون منعقد ڪيون ويون جنهن جو آغاز مڪي مسجد کان ڪيو ويو

جتي قاري فرقان عطاري جي اڳواڻيءَ ۾ گلزار حبيب مسجد ۾  شاهزيب مدني جي اڳواڻيءَ ۾  اقصيٰ مسجد ۾َ حافظ مختيار علي ڪرمي جي اڳواڻي ۾ مدني مرڪز فيضان مدينه ۾ قاري شاهد نواز عطاري جيَ اڳواڻي ۾ ڪائونسلر وهاج آصف خانزاده پاران سندس رهائش گاھ آڏو پرچم ڪشائي ڪئي وئي آخر ۾ محمدي مسجد ۾ قاري سرفراز عطاري  جي اڳواڻيءَ ۾ جهنڊو ڦڙڪايو ويو ريليءَ ۾  مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهر جي معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي ريليءَ دوران علامه فياض مدني ،

علامه عبدالخالق مدني ۽ حافظ مختيار ڪرمي جن ٻڌايو ته ايندڙ 12 ربيع الاول تي ٿيندڙ جشن ولادت 1500 ساله آهي ان ڪري دعوت اسلامي ان خوشيءَ کي ڀرپور نموني ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان دوران ٽائون نگران عمران قادري ، محسن عطاري ، عديل عطاري ، راشد ولي ۽ نعيم عطاري آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو

آگسٽ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو