دادو پوليس جون ڪاروايون: ٻن مقابلا ۾ خطرناڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون ڏوھارين خلاف سخت ڪاروايون جاري دادو پوليس جا مختلف ھنڌن تي ڏوھارين سان مقابلا 2 ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار   دادو لڳ ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھارين سان مقابلي ۾ پوليس ھڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو جنھن وٽان پستول ۽ ھڪ موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي

ٻئي طرف بي سيڪشن ميھڙ ٿاڻي جي پوليس ٻيٽي روڊ تي ڏوھارين سان مقابلي ۾ بدنام ڏوھاري محمد حنيف جمالي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو،   زخمي ڏوھاري حنيف جمالي خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي خون، ڦر، چوري ۽ پوليس مقابلن جي ڪيس داخل ٿيل آھن پوليس کي گھربل ھو،

آگسٽ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو