بي ايڇ يو علي بحر ۾ مليريا ٽيسٽ بند، غريب مريض ٺٽو مڪلي وڃڻ تي مجبور
ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي) بي ايڇ يو علي بحر ۾ مليريا ٽيسٽ بند، غريب مريضن کي ٺٽو مڪلي وڃڻ تي مجبور يوسي سونڊا لڳ بي ايڇ يو علي بحر ۾ گذريل ڪيترن ڏينهن کان مليريا ٽيسٽ جي سهولت معطل هجڻ سبب علائقي جا غريب ۽ مسڪين مريض شديد پريشاني ۾ مبتلا آهن۔
معمولي مليريا ٽيسٽ لاءِ به هاڻي ماڻهن کي ٺٽو يا مڪلي جو رخ ڪرڻو پوي ٿو، جنهن سان انهن تي مالي ۽ ذهني بار وڌي ويو آهي۔ علائقي واسين ڊي ايڇ او ٺٽو کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته بي ايڇ يو علي بحر تي مليريا ٽيسٽ لاءِ عملي سان گڏ ليڊي ڊاڪٽر ۽ ويم گهر جي سهولت فراهم ڪري سينٽر کي باقاعدگي سان هلائڻ جا قدم کنيا وڃن، جيئن پري پري کان ايندڙ مريضن کي تڪليفن کان بچائي سگهجي۔
آگسٽ 26, 2025