دادو: پيرسن جي پريس ڪانفرنس، يتيم نوجوان پوٽي جي گمشدگي تي پوليس تي الزام، آءِ جي سنڌ کان انصاف جو مطالبو

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو لڳ ڳوٺ دانو چانڊيو جي رھواسي پيرسن الھرکيو چانڊيو دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ منھنجو يتيم نوجوان پوٽو جنسار علي پٽ مرحوم شبير چانڊيو کير کپائي گھر جو گذر سفر ڪندو آھي، گذريل ٻن ڏينھن کان گم آھي سندس ڪوبہ پتو نہ آھي، ڳوٺ کان شھر موٽر سائيڪل تي کير کڻي نڪتو آھي واپس نہ وريو آھي

اسان مختلف پوليس ٿاڻن تي سندس ڳولا ڪئي آھي، ڪٿي بہ نہ آھي، سندس موبائيل بہ بند آھي، مٿس ڪوبہ ڪيس نہ آھي، اسان کي خدشو آھي تہ پوليس کيس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، پوليس مٿس ڪوڙو مقابلو ڏيکاري ھاف يا ڦل فرائي ڪري ڇڏيندي، اگر مٿس ڪو ڪيس داخل آھي تہ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، پيرسن ڏاڏي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيوتہ منھنجي پوٽي کي ظاھر ڪري انصاف ڪيو وڃي،

آگسٽ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو