سپريم ڪورٽ جو قتل ڪيس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي راضي نامو قبولڻ کان انڪار

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قتل ڪيس ۾ مقتول جي وارثن ۽ جوابدار وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي راضي نامي جي تصديق کان انڪار ڪري ڇڏيو.
آصف علي بنام رياست ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪئي، جنهن ۾ جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب به شامل هئا.
ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته وڊيو لنڪ ذريعي اها تصديق نٿي ٿي سگهي ته مقتول جي وارثن راضي نامو پنهنجي مرضي سان ڪيو يا دٻاءَ ۾ اچي.
جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته جيستائين مقتول جا وارث ذاتي حيثيت ۾ سيشن ڪورٽ جي روبرو پيش ٿي راضي نامي جي تصديق نه ڪن اهو مڪمل نه ٿيندو.
هن چيو ته جيڪڏهن وڊيو لنڪ ذريعي راضي نامي جي تصديق جو سلسلو شروع ٿي ويو ته سڄي عدالتي نظام تي سمجهوتو ٿي ويندو.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

آگسٽ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو