گڏاپ: ميونسپل ڪارپوريشن ايڇ آر ايم ڊائريڪٽر پاران غير قانوني ڀرتي

Spread the love

گڏاپ ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) گڏاپ مونسپل ڪارپوريشن ايڇ آر ايم ڊائريڪٽر پاران ڊائريڪٽر ايس اينڊ ايس ڊبليو ايم  ۽ چيف سينٽري انسپيڪٽر جا غير قانوني آرڊر جاري ، لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽريٽ ون ڊائريڪٽر آرڊرن کي غير قانوني ڄاڻائي آرڊر ڪينسل ڪندي آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو  

آرڊر لوڪل گورنمينٽ جو سيڪريٽري جاري ڪري سگهي ٿو ايڇ آر ايم جي ڊائريڪٽر گڏاپ ٽائون کي اختيار ئي ناهي ته آرڊر جاري ڪري ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سنڌ

تفصيل موجب گڏاپ مونسپل ڪارپوريشن ايڇ آر ايم ڊائريڪٽر شريف بلوچ پاران ڊائريڪٽر ايس اينڊ ايس ڊبليو ايم محمد اشرف  ۽ چيف سينٽري انسپيڪٽر افضل لغاري جا غير قانوني طور اختيارن جا ناجائز استعمال ڪندي آرڊر جاري ڪري ڇڏيا

جنهن بعد  لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽريٽ ون ڊائريڪٽر  آرڊرن کي غير قانوني ڄاڻائي آرڊر ڪينسل ڪندي آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو آرڊر لوڪل گورنمينٽ جو سيڪريٽري جاري ڪري سگهي ٿو

 ايڇ آر ايم جي ڊائريڪٽر گڏاپ ٽائون کي اختيار ئي ناهي ته آرڊر جاري ڪري لوڪل گورنمينٽ آرڊر ڪينسل ڪري آفيسرن ڪري سسپينڊ ڪري ٽائون مونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن

جُولاءِ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو