تيز برساتن جي اڳڪٿي، ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ تيز برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي موجب اڱاري ۽ اربع تي پنجاب جي لاهور، گجرات، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، نارووال، قصور، جهلم، چڪوال، منڊي بهاوالدين، حافظ آباد، ننڪانا صاحب ۽ پاڪپتن ۾ برسات جو امڪان آهي.
اهڙي ريت آزاد ڪشمير ۾ نيلم ويلي، باغ، ڪوٽلي، راولاڪوٽ ۽ مظفر آباد ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ، ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به خطرو آهي.
موسميات کاتي طرفان عوام کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

آگسٽ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو