عرفان نيازي وڏو رانديگر آهي، دنيا جي هر فرنچائز کيس پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري: جيسن گليسپي

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي نوجوان پاڪستاني آل رائونڊر عرفان خان نيازي کي پاڪستان ڪرڪيٽ جو مستقبل قرار ڏيندي سموري دنيا جي ٽي ٽوئنٽي فرنچائزز کي صلاح ڏني آهي ته هوءَ کيس پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪن.
سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ پاڪستاني هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي عرفان خان جي واکاڻ ڪندي کيس بهترين رانديگر ۽ شاندار شخصيت قرار ڏنو ۽ چيو ته هو پاڪستان لاءِ ڊگهي عرصي تائين کيڏي سگهي ٿو.
گليسپي جو چوڻ هو ته عالمي ٽي ٽوئنٽي فرنچائزز کيس پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪن، مان سڀني فرنچائزز کي عرفان خان کي پِڪ ڪرڻ جي سفارش ڪندس.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ان کان اڳ به عرفان خان جي تعريف ڪندي کيس چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ تي پي سي بي تي تنقيد ڪندي چيو هو ته عرفان خان پاڪستان جي بهترين هارڊ هٽرز ۽ ڪلين اسٽرائيڪر مان هڪ آهي، هو بهترين فيلڊر به آهي، يقين نه ٿو اچي ته آهي ته کيس اسڪواڊ مان دراپ ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته عرفان خان تازو ئي اعلانيل سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو، جڏهن ته ويجهڙ ۾ ٽاپ اينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ هو پاڪستان شاهينز جي قيادت ڪري رهيو هو.
آسٽريليا ۾ جاري سيريز ۾ هن 6 اننگز ۾ 127 رنسون ٺاهيون، جن ۾ سندس اسٽرائيڪ ريٽ 130.90 رهيو.