سيوهڻ پوليس جي بروقت ڪارروائي: زائر جو چوريل موبائل هٿ، ٻه جوابدار گرفتار
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) ضلع پوليس ڄامشورو جي ترجمان جي پريس رليز مطابق، ايس ايس پي ڄامشورو جناب محمد ظفر صديق ڇانگا جي خاص هدايتن تي ضلع ڄامشورو ۾ ڏوهاري عنصرن خلاف اثرائتي ڪارروائي جاري آهي، ساڳئي طرح، اڄ هڪ زائرين محمد جعفر جيڪو ملتان جو رهواسي آھي، جيڪو حضرت لعل شهباز قلندر رحمت الله عليه جي درگاهه تي حاضري ڏيڻ لاءِ آيو هو، ان جو پٺاڻ ڪافي سيوھڻ جي ويجهو سندس قيمتي موبائل فون بشني کيسي مان ڪڍي ويا،
متاثر زائرين فوري طور تي سيوهڻ پوليس اسٽيشن تي پھچي اطلاع ڏنو،اطلاع ملڻ تي سيوهڻ پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ موبائل فون هٿ ڪري اصل مالڪ جي حوالي ڪئي، زائرين ڄامشورو پوليس ۽ سيوهڻ پوليس جو بروقت ڪارروائي تي شڪريو ادا ڪيو، گرفتار ٿيل جوابدارن جا نالا،1- سميع پٽ رمضان ماڇي، بندر محلا سيوھڻ جو رهواسي،2- اسد پٽ حاجي بشير ڪنڊياري،
ميهڙ جو رهواسي، واقعي جو ڪيس پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 379، 511 تحت ڏوهه نمبر 202/2025 تحت سيوهڻ پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي،ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا چيو ته زائرين ۽ عوام جي حفاظت کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو، ۽ چورن ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي جاري رهندي.
آگسٽ 25, 2025