چيلهار ۾ استادن جو تدريسي بائيڪاٽ: اسڪولن تي ڪارا جهنڊا لڳائي احتجاج

Spread the love

چيلهار ( رپورٽر) چيلهار ۽ ڀرپاسي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي شهر سميت ڀرپاسي جي مختلف اسڪولن ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، چيلهار شهر جي مين پرائمري اسڪول، راٺي ڪالوني پرائمري اسڪول، گورنمينٽ پرائمري نيو آباد اسڪول, ڀوريلو، هريار. ڪانٽيو سميت مختلف ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي اسڪولن جي استادن ۽ اسٽاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي اسڪولن تي ڪارا جهنڊا لڳائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو،

استادن جو چوڻ ھو ته اسين تدريسي بائيڪاٽ جي حق ۾ نه آھيون پر مسلسل معاشي قتلام ڪري اسانکي اھو قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. جيستائين اسانجا جائز مطالبا نه مڃيا ويندا تيستائين اسين ڀرپور احتجاج ڪنداسين.  انهن وڌيڪ چيو ته نئين پينشن پاليسي رد ڪئي وڃي سرڪاري ملازمن جا جيڪي جائز مطالبا آهن، اهي پورا ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اڳواڻن سان لاحہ عمل جوڙي ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائينداسين

آگسٽ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو