ملير ۾ سرڪاري ملازمن جو احتجاج: پنشن پاليسي خلاف مظاهرو، پاليسي واپس وٺڻ جو مطالبو
ملير(ڊر ) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مراد ميمڻ ۾ استادن ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف پاران پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين هٿن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي حڪومت جي تجويز ڪيل پاليسين خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔ ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچرر ايسوسيئيشن ضلعو ملير جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ابوبڪر بلوچ چيو ته سرڪاري ملازم پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ متحد آهن ۽ ڪنهن به حالت ۾ حڪومت کي پنشن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندو هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت پنشن پاليسي تي ٻيهر غور نه ڪيو ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو۔ مظاهري کي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مراد ميمن جي صدر پروفيسر ساجد چنا ۽ ٻين مقررن به خطاب ڪيو ۽ حڪومت کان پاليسي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو۔
آگسٽ 25, 2025