سانگهڙ ۾ سرڪاري ملازمن جو احتجاج: پينشن سڌارن ۽ الاؤنس ڪٽوتي خلاف ريلي

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) حڪومت سنڌ پاران پينشن ۾ ڪمي ۽ الاؤنسز ۾ ڪٽوتي جي حوالي سان سنڌ  صوبي جي ملازمن پاران سموري صوبي ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري هر هڪ تعلقه هيڊ ڪوارٽر ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ان سلسلي ۾ سانگهڙ ۾ به ميونسپل آفيس کان پريس ڪلب چؤڪ تائين ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ سڀني کاتن  جي ملازمن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ پينشن سڌارن ۽ الاؤنسز جي ڪٽوتي بابت جاري نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو،

ريلي کي خطاب ڪندي فقير اسماعيل چانگ، صابر حسين مھر، خان محمد نظاماڻي ايريگيشن يونين سميت ٻين اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ حڪومت سنڌ جي ڪاري قانون جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ گروپ انشورنس رٽائرمنٽ وقت ادا ڪرڻ، ٻين صوبي حڪومتن جي طرز تي ڊسپيريٽي الاؤنس ڏيڻ سميت پينشن سڌارن ۽ الاؤنس ڪٽوتي جي خاتمي جو مطالبو ڪيو، مقررین ان موقعي تي چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسان جا مطالبا نه مڃيا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،

آگسٽ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو