ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروائيون: 13 جوابدار گرفتار، چرس، شراب ۽ گٽڪو مٽيريل هٿ

Spread the love

ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي)  ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروائيون 8 منشيات فروش ۽ 5 گٽڪو مٽيريل سپلائر / فروش سميت 13 جوابدار گرفتار 1255 گرام چرس، 118 بيگ ديهي شراب، 1085 پڙيون گٽڪو ماوا ۽ 12 ڪلو گٽڪو مٽيريل هٿ، مقدما داخل۔ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمن ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق دهاريجو جي هدايتن تي ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراني جي حڪمن هيٺ ٺٽو پوليس طرفان منشيات، ڏوهن ۾ ملوث عنصر، عادي مجرمان ۽ گٽڪو، مين پڙي خلاف ڪڙڪ ڪارروائيون جاري آهن۔

ان سلسلي ۾ ايس ايچ او ٿاڻو مڪلي سب انسپيڪٽر انور علي شر پنهنجي ٽيم سان گڏ خفيه اطلاع تي شاهه مراد لنڪ روڊ مڪلي تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات فروش لالا حيدر ولد دولت خان اچڪزئي پٺاڻ کي 1020 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو۔ وڌيڪ ڪارروائين دوران ٿاڻو ٺٽو، دهابيجي، گهارو، گھوڙاٻاڙي ۽ گاڙهو پوليس منشيات فروش نظر محمد ولد عمر چانڊيو، دلشاد ولد وسند چانڊيو کي 235 گرام چرس سميت، جڏهن ته اميد علي ولد مامون ميربحر، معشوق ولد نور محمد مورجھريو،

محمد ابراهيم ولد محمد ببر، مرتضي ولد محمد ابراهيم ببر ۽ شاهنواز ولد محمد ابراهيم ببر کي 118 بيگ ديهي شراب سان گرفتار ڪيو۔ ساڳئي وقت 5 گٽڪو مٽيريل سپلائر / فروش عمران ولد منظور ڪڙمو، پرويز عرف پرو ولد جلال بٽ فقير، شاهد حسين ولد شمس الدين انصاري، شاهزيب ولد محمد سليم انصاري ۽ سومار ولد جمعون مهيشوري کي 1085 پڙيون گٽڪو ماوا ۽ 12 ڪلو گٽڪو مٽيريل سميت گرفتار ڪيو ويو۔ گرفتار جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي گٽڪو ايڪٽ، نارڪوٽڪس ايڪٽ ۽ منشيات آرڊيننس تحت ڌار ڌار مقدما داخل ڪيا ويا آهن۔

آگسٽ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو