دادو ۾ صحافين ۽ شهرين طرفان سينئر صحافي نظام شيخ کي پاڪ زيارتن کان واپسي تي آجياڻو

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ سينئر صحافي نظام شيخ چهلم امام حسين عليہ اسلام جي حوالي سان عراق ۽ ايران، اربعين جون مقدس زيارتون ڪرڻ بعد واپس دادو پهچڻ تي دادو پريس ڪلب جي سينئر صحافين گلڻ ڀنڊ، ولي محمد لنڊ، ڪامران ڪورائي، ديدار شيخ، مختيار سومرو، حبدار ٻٻر ،سرور جلال سولنگي، آصف علي پنھور، راجہ ڪوريجو، ولي محمد لنڊ ۽ سياسي، سماجي، اڳواڻن امتياز چانڊيو، جنيد احمد کوسو،  پيراميڊيڪل اسٽاف اڳواڻ راجہ رفيق پنھور،چئرمين آل پاڪستان انجمن تاجران ضلع دادو غلام نبي لغاري، صدر احمد خان زئنور ۽ ٻين پاران پاران سندس کي اجرڪ ۽ گلن جا هار پارائي آجياڻو ڏنو،

جنهن بعد سينئر صحافي نظام شيخ پاران سڀني صحافين جا ٿورا مڃندي چيو ته هي محبت ۽ ادب جو اظهار آهي دادو پريس ڪلب جي سڀني قلم ڌڻين مونکي پاڪ زيارت ڪري اچڻ تي گلن ۽ اجرڪ پارائي محبت ڏني آهي جيڪا مون لاءِ هڪ عزاز آهي ۽ هي محبت ۽ ساٿ هميشه رهندو ، قلم ڌڻين کي پاڻ ۾ محبت پيدا ڪرڻ گهرجي جيئن هي محبت جي فضا قائم رهي ، سڀني قلم ڌڻين کي گهرجي ته زندگي ۾ هڪ دفعو پاڪ زيارت ڪرڻ گهرجن ، جڏهن ته سينئر صحافي نظام شيخ پاران پريس ڪلب جي سمورن قلم ڌڻين ۾ عراق ۽ ايران کان آيل تبرڪات تقسيم ڪيو،

آگسٽ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو