بهتر حڪمراني لاءِ بااختيار مڪاني ادارا ٺاهيو:دانيال عزيز

اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي وفاقي وزير دانيال عزيز چيو آهي ته انتظامي يونٽ وڌائڻ سان توهان جي گورننس بهتر نٿي ٿي سگهي توهان ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پهرين ڪيترا ضلعا هئا،هاڻي ڪيترا آهن؟ڊويزون به وڌيون آهن،ڪا به بهتري نه آئي،هن چيو ته سياسي برادري کان مڪاني ادارا هضم نه ٿيا،
اسلام آباد جهڙي ننڍي شهر ۾ مڪاني حڪومت برداشت نٿي ڪئي وڃي،گورننس بهتر ڪرڻي آهي ته ان جو طريقو بااختيار مڪاني نظام آهي،اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو ته پ پ اندرين سنڌ مان چونڊون کٽي ڪراچي تي اچي حڪمراني ڪري ٿي،ڪراچي ۾ پ پ جي ڪا به دلچسپي ناهي،ڪراچي جي مالڪي ڪرڻي پوندي،هن چيو ته نوان انتظامي يونٽ نه ٺهيا ته پوءِ ڪراچي ڪيئن ترقي ڪندي؟17 سال پ پ کي حڪمراني ڪندي ٿي ويا آهن،
تبديلي ڇو نه آئي؟ڪراچي پاڪستان لاءِ اهم آهي،هن چيو ته ڪراچي ۾ اڄ چونڊون ڪرايو،مختلف نتيجا نڪرندا،نوان انتظامي يونٽ اين ايف سي کان به وڏو اشو آهي،
آگسٽ 25, 2025