عمران خان جو انجام ياد:اسٽيبلشمينٽ خلاف ن ليگ بيانيو نه ٺاهيندي

Spread the love

لاهور(ويب ديڪس) پي ٽي آءِ جا ٽرول اڪائونٽ دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل عاصم ملڪ ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي وچ ۾ اختلاف وڌي ويا آهن  هي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جو هڪ طريقو آهي۔ هڪ طرف اهي ٽرول اڪائونٽ چون ٿا ته جنرل عاصم ملڪ فور اسٽار جنرل پروموٽ ٿي ويندو ۽ ٻي طرف چون ٿا ته فيلڊ مارشل سان وڏا اختلاف پيدا ٿي ويا آهن۔

اهو سڀ تضاد آهي۔ حقيقت اها آهي ته عاصم ملڪ جي رٽائرمينٽ ويجهو آهي۔ هاڻي يا ته هو فور اسٽار جنرل ٿي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ٿي سگهي ٿو يا پوءِ قومي سلامتي صلاحڪار مقرر ٿي سگهن ٿو،نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جو فيصلو به فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير وٽ آهي۔ مختلف نالن تي غور آهي، جهڙوڪ ميجر جنرل واجد (ڊي جي ايم آءِ)، ميجر جنرل فيصل نصير (ڊي جي سي) ۽ جنرل اظهر وغيره۔ پر فيصلو جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندو، وزيراعظم هائوس ۾ نه۔اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ جو هڪ اهم سبب به ڊي جي آءِ ايس آءِ جي تبديلي هئي، جڏهن جنرل فيض کي بدلايو ويو ۽ عمران خان ان کي قبول نه ڪيو۔ تنهنڪري هاڻي شهباز شريف فوج جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو۔

حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ پهرين ٻه ڀيرا اهو ئي فيصلو ڪيو ته بُشريٰ بي بي کي جيل ۾ نه رکجي، بلڪه بني گالا ۾ رکي، پر بُشريٰ بي بي پاڻ عدالت ۾ درخواست ڏني ته کيس جيل ۾ رکيو وڃي۔ پوءِ عليمه خان بيانيون ڏيڻ شروع ڪيا ته “اسان جو ڀاءُ جيل ۾ آهي ۽ بُشري بي بي بني گالا ۾ آرام ڪري رهي آهي۔”ٻيهر جڏهن بُشري بي بي پشاور وئي ته 26 نومبر جو وڏو واقعو ٿيو ۽ هن پاڻ کي سياست ۾ اڳيان آندو، جنهن بعد اسٽيبلشمينٽ لاءِ کيس ٻاهر رکڻ ناممڪن ٿي ويو،ٻئي پاسي ٻاهرين ملڪ ويٺل  شهباز گل مسلسل اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي  ته نون ليگ ۽ فوج ۾ ويڙهه ٿي وئي آهي۔

پر حقيقت ۾ نون ليگ اهڙو ڪو “واٽس ايپ گروپ” نه هلائي ٿي جيئن پي ٽي آءِ هلائي ٿي۔ نون ليگ کي خبر آهي ته جيڪڏهن فوج خلاف بيانيو ٺاهيندا ته سندن حال به عمران خان ۽ شهباز گل وارو ٿيندو،ٻئي پاسي جيستائين اين ايف سي  جو معاملوجيستائين صوبائي حڪومتون پنهنجا صوبائي فنانس ڪميشن قائم نه ڪنديون، تيستائين اين ايف سي جو مقصد ختم آهي۔ جيڪڏهن پئسو هيٺ تائين عوام تائين نٿو وڃي ته اين ايف سي فضول آهي۔ وفاق کي به اختيار هجڻ گهرجي ته صوبن کي پئسو ڏي يا نه ڏي.

آگسٽ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو