اسٽيل مل مان لوهه چوري ۾ ملوث 4 پوليس اهلڪار گرفتار

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي )  ٻن قاسم پوليس هٿان  اسٽيل مل مان لوه  چوري ڪندڙ 4 اهلڪار گرفتار ملير ضلعي جي بن قاسم پوليس  اسٽيل مل مان قيمتي لوه  چوري ۾ ملوث 4 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي ڪئي ويئي جنهن دوران شاهين فورس ۾ مقرر چار اهلڪار سوگها ڪيا  ويا آهن . گرفتار اهلڪارن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل علي گل،

پوليس ڪانسٽيبل واجد خان، عاصف علي ۽ ظُهور احمد شامل آهن.ڪارروائي دوران سندن قبضي مان 55 ڪلو کان وڌيڪ ٽامون به هٿ آيو اهي  پوليس ترجمان موجب گرفتار اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.ترجمان ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن  خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن فورس جي ساک برقرار رهي.

آگسٽ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو