پيٽارو ٽول پلازه وٽ مسافر ڪوچ خراب، عورتن روڊ بلاڪ ڪري احتجاج
ڄامشورو ( رپورٽ: وارث علي) ڄامشورو / پيٽارو ٽول پلازه وٽ مسافر ڪوچ خراب، مسافر پريشان ، عورتن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏي پيٽارو ٽول پلازه وٽ گذريل رات 2 بجي ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ مسافر ڪوچ خراب ٿي پئي جنھن سبب ڪوچ ۾ سوار مسافر مرد عورتون 2 وڳي سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويا. ڪوچ جي خرابي کان پوءِ بس انتظاميه طرفان مسافرن کي منزل تائين پهچائڻ لاءِ ڪو به متبادل انتظام نه ڪيو ويو،
جڏهن ته ڪوچ جو عملو به واقعي واري هنڌ تان غائب ٿي ويو.پريشان حال مسافرن ۽ عورتن مسلسل رات کان بيهي مجبورن بس عملي خلاف احتجاج ڪيو، بس عملي جي غير ذميواريءَ خلاف روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مسافرن مطالبو ڪيو ته کين فوري طور متبادل سواري مهيا ڪئي وڃي ۽ ڪوچ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
مسلسل صبح تائين احتجاج بعد پوليس جي مداخلت تي مسافرن احتجاج ختم ڪيو ۽ ٻين مسافر گاڏين ۾ سوار ٿي پنھنجي منزلن ڏانھن روانا ٿي ويا ـ
آگسٽ 24, 2025