صحافي خاور حسين باجوه جي اوچتي وفات تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جو خراج عقيدت

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) خانگي ٽي وي رپورٽر خاور حسين باجوه جي اوچتي وفات تي سينيٽر قرۃالعين مري ۽ ڊي سي سانگھڙ ساره جاويد باجوه هائوس پهچي مرحوم جي والد رحمت باجوه سان تعزيت ڪئي، ايصالِ ثواب لاءِ دعا پڻ گهري ۽ سندن خدمتن کي ساراهيو، سندن چوڻ ھو ته خاور حسين باجوه هڪ بهادر صحافي طور هميشه ياد رهندو. صحافتي برادري،

سياسي ۽ سماجي اڳواڻن چيو ته عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سندس مشن هو، ھو ھڪ دلير ۽ بھادر انسان ھو ھن ھميشه پنھنجي زندگي مخلوق جي خدمت ۾ گذاري، مخلوق جی خدمت سندن مشن ھو، اھڙي انسان جو وڇوڙو پاڪستان جي صحافت ۾ وڏو خال آهي جيڪو ڀرجي نه سگهندو اھڙي شخصيت کي وساري نه ٿو سگھجي، ان موقعي تي ڊاڪٽر آفتاب سريوال ۽ اعجاز حسين زرداري ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

آگسٽ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو