سانگھڙ ۾ عالمن ۽ معززن جي گڏجاڻي، ڪي پي ڪي سيلاب متاثرن لاءِ امدادي ڪيمپ جو اعلان

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگھڙ ۾  نواب شاھ روڊ ايم ڊي ھال ۾ عالمن ۽ معزز شخصيتن جي گڏجاڻي، تازين برساتن سبب ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن بونير، پير بابا، شانگله ۽ ٻين علائقن ۾ سيلاب جي تباهي سبب متاثرن جي مدد لاءِ هڪ ميٽنگ رکي وئي ته جيئن سيلاب ۾ متاثر ٿيلن جي مالي مدد ڪري سگهجي، ميٽنگ ۾ مولانا ملڪ اسحاق، مولانا حمايت الله، مولانا عبدالشڪور لغاري، مولانا نويد، مولانا عمران، مولانا صفيع الله، اڪرم چوهان، جمعو خان خروٽي، عبدالجبار يوسفزئي، شفيق احمد آرائين،

جاويد انصاري ۽ ٻيا معتبر ماڻهو شريڪ ٿيا، ان موقعي تي صلاح مشورو ڪيو ويو ته سومر جي ڏينهن نيشنل بئنڪ وٽ سيلاب متاثرن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪيمپ جو اهتمام ڪيو ويندو، جتي سيلاب متاثرن لاءِ مالي مدد ، راشن ۽ ٻيو سامان گڏ ڪيو ويندو، ان موقعي ميٽنگ ۾  آيل معززين شهري عوام ۾ وس وارن کي اپيل ڪئي ته هو سيلاب متاثرن جي وڌ کان وڌ مدد ڪن، جڏهن ته سيلاب متاثرن جي مدد لاءِ  بئنڪ اڪائونٽ ۽ ٻين موبائل اڪائونٽن ذريعي به مالي مدد ڪري سگهجي ٿي،

آگسٽ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو