سنڌي ادبي سنگت دادو جي گڏجاڻي، شاعرن ۽ اديبن جي تخليقن سان ادبي محفل روشن
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جي پندرنهن وار دستوري گڏجاڻي ادبي رنگن ۽ فڪري جوت سان ٿي، جنهن جي صدارت نامياري شاعر ابل اداس ڪئي. ڪاروائي سيڪريٽري سجاد يوسف هلائي، گڏجاڻي ۾ شاعرن، ليکڪن ۽ اديبن پنهنجا نوان شعر، ڪافيون، وايون، غزل، ڪهاڻيون ۽ مقالا پيش ڪري محفل کي علمي ۽ ادبي لحاظ کان روشن ڪري ڇڏيو، گڏجاڻيءَ ۾ تابش بخاري، رجب آزاد، اميد سنڌي، صوفي غلام مصطفىٰ خادم فقير، آسي بدر، گل حسيني ابڙو، احمد خان لاشاري،عاشق دادوي، علي گوهر سومرو، نور ڪنڀر، نثار سومرو، راهب جمالي، راجا رفيق، سيفي اياز، غلام شبير گوپانگ، ڀڳت ڪبير، امجد قمبراڻي، سراج الدين ڳورڙ، محمد عرس سومرو، دکي دائود، فياض سيفي، محمد قاسم لانگاھ،
غلام محي الدين ڳورڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ تخليقن تي پنهنجا تنقيدي ۽ اصلاحي رايا پيش ڪيا، شرڪت ڪندڙن جي تخليقن ۾ ٻوليءَ جي سونهن، موضوعن جو تنوع ۽ سماجي سچائيءَ جي عڪاسي نمايان رهي. سامعين ۽ ساٿين انهن کي ساراهيو ۽ ڪهاڻين، غزلن ۽ مقالن کي فڪري روشني قرار ڏنو. صدارتي خطاب ڪندي ابل اداس چيو ”سنڌي ادبي سنگت دادو هميشه ادبي ۽ سماجي شعور کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، اڄ جي گڏجاڻيءَ ۾ تخليقڪارن جي محنت ۽ تخليقي جستجو ٻڌائين ٿي ته سنڌي ادب جو مستقبل محفوظ ۽ روشن آهي. اهڙيون گڏجاڻيون نه رڳو ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ اهم آهن، پر ايندڙ نسلن لاءِ پڻ الهام جو سرچشمو بڻجنديون،
آگسٽ 24, 2025