ڪئنالن ۽ وڏن ڊيمن بدران 170 ننڍا ڊيم ٺاهڻ تي غور

Spread the love

اسلام آباد (ويب ديڪس) ملڪ ۾ ٻوڏون اچي رهيون آهن ۽ ان حوالي سان هڪ ٿنڪ ٽينڪ دلچسپ پيپر ٺاهيو آهي جنهن تي حڪومتي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سطح تي بحث ٿي رهيو آهي. جيئن ته ملڪ ۾ وڏا ڊيم نٿا ٺهي سگهن ۽ اهي تڪراري بڻجي ويندا آهن ان ڪري ننڍا ڊيم ٺاهي سگهجن ٿا جيڪي بجلي جي پيداوار نه پر برساتي ۽ ٻوڏ جي پاڻي کان بچائڻ لاءِ ٺاهيا ويندا ۽ انهن ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو. هڪ ڪاٿي موجب، ملڪ ۾ تازو ٻوڏ وهڪرن دوران 14 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو ويو. حڪمت عملي اها ٺاهي پئي وڃي ته جيئن ڪرم ٽنگي ڊيم 0.084 ملين ايڪڙ فوٽ جو آهي، ملڪ ۾ اهڙا 170 ڊيم ٺاهيا ويندا.

ان فيصلي کانپوءِ صوبن کي پابند ڪيو ويندو ته اهي پنهنجن صوبن ۾ ڊيم ٺاهن. رپورٽ موجب، ملڪ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ زمين زراعت جوڳي ناهي جنهن جو سبب پاڻي جي اڻهوند آهي، پاڻي هجڻ سان اهو ممڪن ٿيندو، ان کان اڳ ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو هو جيڪو تڪراري بڻجي ويو هو. جيڪڏهن اسان هڪ ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪريون ته 8 لک 77 هزار ايڪڙ فٽ زمين آبادي جوڳي بڻجي سگهي  ٿي. 14 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سان 12 ڏهائي 2 ملين ايڪڙ فوٽ زمين آباد ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪڻڪ پوکجي ها ته 4 بلين ڊالرن جي ٿئي ها. ان کانسواءِ جيڪا زمين ڪئنالن ذريعي آباد ڪرڻي هئي ان زمين جو 12 کان 14 ملين ايڪڙ فوٽ ٻوڏ جي ذخيرو ڪيل پاڻي سان آباد ڪري سگهجي ٿو.

هر سال ٻوڏون اچن ٿيون ته هر سال اسان ائين ڪري سگهون ٿا. اسان کي 14 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي اسٽوريج ٺاهڻي آهي جيڪا ضروري آهي. ان لاءِ صوبن کي پابند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇو ته 18هين ترميم وڏو مسئلو آهي، زراعت صوبن وٽ آهي ۽ وڏا ڊيم ٺاهڻ به وڏو مسئلو آهي. هڪ هڪ، ٻن ٻن سالن ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهڻ لاءِ صوبن کي روڊ ميپ ڏنو پيو وڃي. جتي جتي ٻوڏ اچي ٿي، انهن مناسب جاين تي ڊيم ٺاهيا وڃن. اها اسٽڊي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڪرائي آهي.

چيو پيو وڃي ته لاهور ۾ زير زمين پاڻي ذخيرو ڪرڻ جون ٽانڪيون آهن جيڪي برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪن ٿيون، ڪراچي ۾ اهي ڇو ناهن ٺهي سگهيون، خيبرپختونخوا ۾ به ائين ناهي ٿي سگهيو. شهري ٻوڏ وارن علائقن ۾ زير زمين پاڻي جون ٽانڪيون ٺهڻ گهرجن. سنڌ حڪومت اهي ٽانڪيون نه ٺاهيون، پي ٽي آءِ ڪي پي ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي اپاءَ نه ورتا. پنجاب ۾ به ڪي ڊيم ناهن ٺاهيا ويا، ڪا جوڳي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري وئي. بلوچستان سميت ٻين هنڌن تي ٻوڏ نظر اچي ٿي. پاڻي قيمتي اثاثو آهي.

آگسٽ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو