کٿابين ٻوڏ متاثر گهر جي صفائيءَ دوران هٿ آيل 20 تولا سون ايمانداريءَ سان مالڪن وٽ پهچائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ٻوڏ متاثر ضلعي سوات ۾ امدادي ڪمن دوران مقامي مدرسي جي کٿابين ايمانداريءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪندي ملبي مان مليل 20 تولا سون مالڪ کي واپس ڪري ڇڏيو.
واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کٿابين کي هڪ گهر جي ملبي مان سونا زيور ڪڍندي ڏسي سگهجي ٿو.
اها زيور کٿابين کي ان وقت مليا، جڏهن اهي ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن جي صفائي ڪري رهيا هئا.
کٿابين اهو قيمتي سامان پنهنجي مدرسي جي مهتمم حوالي ڪيو، جنهن تصديق کانپوءِ اهي زيور اصل مالڪ کي واپس ڪري ڇڏيا.