سپريم ڪورٽ جو هر جج بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جو ذميوار آهي: جسٽس اطهر من الله

Spread the love

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو هر جج ملڪ ۾ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جو ذميوار آهي، گمشدگين واري ڪيس ۾ سڀني کان وڌيڪ ڏکيائي ٿيندي آهي، رياست جو ڪم پنهنجي ٻارن جي حفاظت ڪرڻ آهي، سرڪار جو ڪم احتساب ڪرڻ ۽ سڀني جي حفاظت ڪرڻ آهي، وڪيلن جي تحريڪ جو مقصد جمهوريت ۽ آئين جي بحالي هو، اسلام آباد ۾ ڊفينس آف هيومن رائٽس جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته بلوچستان هر شهري لاءِ اهم صوبو آهي، بلوچستان جون ڌيئرون،

مائرون روڊن تي رلي رهيون آهن، اسان کي شرم اچڻ گهرجي، اسان کي آزاد عدليا ۽ آزاد ججن جي ضرورت آهي، بلوچستان جا شاگرد جڏهن منهنجي عدالت ۾ آيا ته آئون پريشان ٿي ويس، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان، انهن جو ڪيس منهنجي عدالتي دائري ۾ نه هو، جيڪڏهن رياست گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ ملوث آهي ته پوءِ عدليا ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي، سچ ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جيڪو سچ ڳالهائيندو آهي، ان سان تمام گهڻي نفرت ڪئي ويندي آهي، مون گم ٿيلن ماڻهن جي ڪيس جو پهريون فيصلو ٻڌايو جنهن جا اثر چئن سالن تائين مثبت رهيا، مون فيصلي ۾ چيو ته هن ڪيس ۾ ڪنهن به سرڪاري آفيسرن سان نرمي نه ڏيکاري ويندي،

پنهنجي آفيسر کي چيو ته پنهنجي علائقي ۾ مسنگ پرسنز ڪيس کي برداشت نه ٿو ڪري سگهان، آئيني عدالتن کي 24 ڪلاڪ کليو رهڻ گهرجي، عوام جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي وڏو اعتماد هو، اتي باصلاحيت ۽ شفاف جج مقرر ڪرڻ پهريون هدف هو، هن چيو ته 26 هين ترميم ۾ آرٽيڪل 184 ۾ ترميم نه ڪئي وئي، جڏهن سرڪار سهڪار نه ڪري ته عدالتن لاءِ ڏکيو ٿي پوندو آهي، آئين موجب سرڪار سهڪار نه ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ذميوار آهي.

آگسٽ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو