حڪومت 27هين ترميم۽ نون صوبن بابت ”غير سنجيده“ آهي: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ديڪس) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت 27 هين ترميم ۽ ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جي حوالي سان مڪمل طور غير سنجيده آهي، جڏهن ڪا خبر نه هوندي آهي تڏهن اهڙا معاملا هلائي ڇڏيا ويندا آهن، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عليم خان صوبن بابت ذاتي راءِ ڏني، اهڙو معاملو ڪڏهن به وفاقي ڪابينا ۾ بحث هيٺ ناهي آيو، اهو به چيو پيو وڃي ته هر ڊويزن کي صوبو بڻايو وڃي، هر ماڻهو جي پنهنجي راءِ آهي،
اهو معاملو پارليامينٽ جي منظوري سان ڳنڍيل آهي، باقي وفاق جي خرچن ۾ واڌ ۽ صوبن جي حصي ۾ گهٽتائي جي حوالي سان بحث ٿيو آهي، هن چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ گهڻا منصوبا صوبن جو ڪم آهي، وسيلن جي ورڇ جي حوالي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ان لاءِ اين ايف سي جو فورم آهي،باقي جيڪي ڳالهيون آهن اهي سڀ گپ شپ آهن، ٿي سگهي ٿو ڪجهه خرچ گهٽايا وڃن، راڻا ثناءُ الله چيو ته آرمي چيف جي دوري وقت برسلز ۾ سهيل وڙائچ موجود هو، هن پنهنجي تجسس تي ڪالم لکيو، جيڪو درست هو پر ان تي وڊيو لاگ ۽ پوڊ ڪاسٽ ذريعي ڳالهه وڌائي وئي، سهيل وڙائچ خلاف سزا جي ڪا به ڳالهه ناهي،
هن چيو ته گرفتاريون ۽ عدالتي فيصلا ڳالهين ۽ ڊائلاگ سان لاڳاپيل ناهن، عدالتن کي فيصلو ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ کي اپيل جو اختيار آهي، جيڪڏهن عدالت مان رليف ملي يا خلاف فيصلو اچي ته تنقيد کي قانوني ۽ آئيني حدن ۾ رکڻ گهرجي، جيستائين ٽيبل تي نه ويهنداسين ۽ مسئلو نه ٻڌائينداسين، تيستائين معاملو حل نه ٿيندو، ميثاق استحڪام پاڪستان تي ڳالهه ٻولهه ٿي آخري نتيجي تائين پهچڻ گهرجي.
آگسٽ 24, 2025