مٺي ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي کي پ پ پ ڊويزنل صدر ميرپورخاص بڻجڻ تي شاندار استقبال

Spread the love

مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي کي پ پ پ قيادت پاران پ پ پ ڊويزنل صدر ميرپورخاص جو عهدو ملڻ بعد هو ڪالهه جڏھن ملاڻي هائوس مٺي پهتو ته پ پ پ اڳواڻن. ووٽرن. سندس چاهيندڙ ۽ حامين توڙي شهرين ۽ مختلف برادرين جي معززين سندس مانائتو ۽ شاندار استقبال ڪيو ۽ سون جي تعداد ۾ کيس هار. اجرڪون. لويون. لونگيون  پارائي مبارڪون ڏنيون ويون. ان موقعي تي پ پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي.  مطلب جوڻيجو. غلام مصطفي کوسو. ڀورل شاه. روشن گرناڻي غلام محمد جوڻيجو. ڀيمراج ڀيل. رميش ماڌاڻي. مير محمد جوڻيجو. رام روپلو ڪولهي.

ڏيپلو ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين چيئرمين نواز علي جوڻيجو. مکي ڀيرولال مهيشوري. عمر لنڊ. سيد منور شاه. لال بجير. ڪامريڊ ٽيڪم مينگهواڙ. وڪيل منور ساگر. شوڪت راهمون. گلاب راء مينگهواڙ. ڪائونسلر سومجي مينگهواڙ. دودو ڀيل. خيالي ڀيل. نواز علي بجير. پرڀولال ڀيل. بابو ملهيو. جان محمد ملهو. لال محمد منڱريو. ديوڪي نندن. لال ڪمار. يوگل ڪشور. پرڪاش مهيشوري. سراج سميجو. واپاري ايسوسئيشن جو صدر احمد سميجو ارباب علي خاصخيلي. وڪيل غلام مصطفئ هنڱورجو. اسماعيل سميجو. لجپت مينگهواڙ. لياقت هنڱورجو. چيتن ڀيل. پن سنگهه ٺڪر. ڏيوراج ٺڪر. عبدالرحيم هنڱورجو. ثمينه ڀيل. اسلم لنڊ. غني سميجو.

محمد بخش چانڊيو ۽ ٻين به پهچي ڊويزنل صدر ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي قيادت تي خوشي جو اظهار ڪندي کين مبارڪون ڏنيون ۽ اهو مبارڪن جو سلسلو جاري آهي.. ان موقعي تي پ پ پ ضلع ٿرپارڪر جو جنرل سشيل ڪمار ملاڻي. سراج سومرو. ديپڪ شرما ۽ ٻيا به موجود هئا.

آگسٽ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو