ڀان سيدآباد پوليس جي ڪامياب ڪارروائي: گهربل ملزم اصغر چنو گرفتار، بنا لائسنس پسٽل هٿ
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) ڀان سيدآباد ۾ ايس ايس پي ڄامشورو جي خاص هدايتن تي اي ايس پي سيوهڻ جي نگرانيء ۾ ون فائيو انچارج سيوهڻ منظور دل ۽ ايس ايڇ او ڀان سيدآباد محمد علي کوکر ۽ ڀان سيدآباد پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، ڀان سيدآباد پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي ملزم اصغر ولد حمزو چنو کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو ڪيس نمبر 103/2025، دفعا 399، 402، 34 ڪيسن ۾ گهربل هئو،پوليس موجب گرفتاري دوران ملزم جي قبضي مان بنا لائسنس پسٽل ۽ ٻه رائونڊ به هٿ آيا، جن تي نئون ڪيس نمبر 104/2025، دفعا 24 سنڌ آرمز ايڪٽ 2013 داخل ڪيو ويو،
ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڀان سيدآباد محمد علي کوکر ٻڌايو ته ڏوهارين ۽ روپوش جوابدارن خلاف ڪارروايون تيزيء سان جاري آهن، امن امان جي صورتحال بهتر آهي , جيڪو به ڏوهن ۾ ملوث هوندو ان کي بخش نه ڪنداسين , ڏوهارين خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون جاري رهنديون، ڀان سيدآباد ۽ ان جي اوس پاس جي علائقن ۾ امن امان قائم رکڻ لاء اسان ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ۽ مان عوام کي چوندس ته ھو پوليس سان تعاون ڪن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ اسان پوليس جو ڪم آھي.
آگسٽ 23, 2025