سڪرنڊ ۾ پوليس اهلڪارن کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ترقيون، ايس ايس پي شبير احمد سيٺار پاران بيجز لڳايا ويا
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ پوليس ۾ ايمانداري ۽ جفا ڪشي سان ڪم ڪندڙ اهلڪارن کي سندن ڪارڪردگيءَ جي بنياد ترقي ڏني وئي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار جي صدارت هيٺ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ضلع شهيد بينظيرآباد جي 9 اي ايس آئي کي ترقي ڏئي سب انسپيڪٽر جو بيج لڳايو ويو جنهن ۾ الاهي بخش ڏاهري پڻ شامل جڏھن ته 9 هيڊ ڪانسٽيبل کي اي ايس آئي جو بيج لڳارو ويو جنهن بعد ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ترقي حاصل ڪرڻ اصل ۾ ذميوارين ۾ اضافي جو نالو آهي
ان ڪري پوليس آفيسرن تي لازم آهي ته هُو پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري ۽ فرض شناسي سان ادا ڪن ۽ ضلع شهيد بينظيرآباد کي امن و امان جي حوالي سان مثالي ضلعو بڻائين تقريب ۾ اي ايس پي سيد حيدر علي شاھ ، ڊي ايس پي صدر اختر حسين سومرو . ڊي ايس پي دوڙ حبيب الرحمان لاشاري ۽ ڊي ايس پي دولتپور جاويد عالم سميت ڪئي آفيسر پڻ موجود هئا آخر ۾ اي ايس آئي مان سب انسپيڪٽر جي ترقي ماڻيندڙ الاهي بخش ڏاهري ڳالهائيندي چيو ته اسين ٿورائتا آهيون ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد شبير احمد سيٺار جا جن اسان کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ترقيءَ جا بيج لڳايا اسين کيس يقين ٿا ڏياريون ته سندس اعتماد تي پورو لهنداسين
آگسٽ 23, 2025