سانگھڙ ۾ پوليس جون ڪامياب ڪارروايون: منشيات فروش ۽ روپوش جوابدار گرفتار، چرس، آئيس، شراب ۽ گٽڪو هٿ
سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگھڙ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف پوليس جون ڪارروايون، ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ جي هدايتن ضلعي سانگهڙ ۾ منشيات فروش ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروايون جاري ڪندي سانگهڙ پوليس چرس جي ڊيلر شاهنواز لانڊر کي گرفتار ڪري مبينه 1050 گرام چرس، موبائل فون، منشيات جي وڪري مان حاصل ٿيل رقم 1100 رپيا ۽ منشيات جي وڪري ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ ڪار به هٿ ڪري ورتي،
بي سيڪشن پوليس منشيات فروش عابد علي ڊوگر کي گرفتار ڪري مبينه 300 گرام چرس هٿ ڪري ورتو. ٻئي ڪاروائي ۾ منشيات فروش صائمه عرف لالي کي گرفتار ڪري مبينه 20 گرام آئيس هٿ ڪري ورتي، تعلقا پوليس منشيات جي ڪيس ۾ اشتھاري جوابدار سليم بروهي کي پڻ گرفتار ڪري ورتو، جهول پوليس اقدام قتل ۽ پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار شاهد گبول کي به گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته کاھي پوليس منشيات فروش مھر الله، صدام حسين ۽ ماجد علي وٽان مبينه 1250 گٽڪا پڙيون هٿ ڪيون، لنڊو پوليس منشيات فروش عابد علي وٽان مبينه 30 ليٽر شراب هٿ ڪري ورتو،
آگسٽ 23, 2025