دادو: سعودي عرب ايم پي اي دادو کي پيپلز پارٽي ضلع دادو صدر مقرر ڪرڻ تي پيپلز پارٽي جي سپوٽرن جي گڏجاڻي، ڪيڪ ڪٽيو ويو،
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع دادو جي صدارت ايم پي اي دادو بئريسٽر پيرمجيب الحق کي ملڻ جي خوشي ۾ پ پ پ جي سپورٽر پاران گڏجاڻي جيئي ڀٽو، جيئي شھيد راڻي بينظير ڀٽو، جيئي بلاول ڀٽو زردارد جي نعرن سان حاجي محمد رجب خاصخيلي،
محمد اسلم خاصخيلي, پير شفيق علي ۽ ٻين سعودي عرب جي دوستن سان خوشي جو اظهار ڪندي هڪ پروگرام ڪري سنڌ جي ثقافت سنڌي اجرڪ اوڍائي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو پيرمجيب الحق صاحب جي لاءِ دعائون گهريون ويون الله پاڪ اڃان وڌيڪ عزتون عطا ڪندس آمين،
آگسٽ 23, 2025