سڪرنڊ ۾ حاجي عابد لاشاري کي تمغه امتياز لاءِ نامزد ٿيڻ تي CDF پاران آجياڻو، سماجي اڳواڻن جون مبارڪون

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) معزورن جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم(اين ڊي الف) پاڪستان جي چيئرمين حآجي عابد لاشاري کي حڪومت پاران تمغه امتياز لاءِ نامزد ڪرڻ تي سندس مان ۾ CDF پاڪستان پاران آجياڻو ڏنو ويو جتي مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪري حاجي عابد لاشاري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسين سمجهون ٿا ته عابد لاشاري جي ايوارڊ لاءِ نامزدگي سندس ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ٿي آهي جيڪو پاڻ لهڻي پڻ ٿو جن شخصيتن کيس ڀيٽا پيش ڪئي انهن ۾ محرم علي ڪیریو ،

محمد اباد راجپوت ، مشتاق احمد کوکر ، عبداللطیف سولنگي ، ، ڊاڪٽر اقبال احمد ڀٽي ، رفاقت آرائین ، طارق حسین ، امداد حسین، ،  قربان علي شاہ ، مس شمیم اختر ، عبدالرؤف ۽ قاضی جاوید سنائي شامل هئا ان کان اڳ CDF جي چيئرمين عبدالحميد آرائين آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو آخر ۾ مهمان خاص حاجي عابد لاشاري ڳالهائيندي چيو ته مان شڪر گزار آهيان عبدالحميد آرائين جو جن مان ڏئي محبتي ميڙيا ۽ ساڻن ملاقات جو موقعو فراهم ڪيو هن چيو ته توڙي جو سنڌ سرڪار جي سفارش تي مونکي تمغه امتياز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي

سندن مهربانيون پر مان ان کي انهن معزور ٻارن جي خدمت ۽ دعائن جو ثمر سمجهان ٿو هن وڌيڪ چيو ته اڄ مان جنهن منزل تي آهيان ان ۾ منهنجي استاد جي ڏنل تعليم ۽ جيجل امڙ پاران ڪيل تربيت جو نتيجو آهي مان ملندڙ ايوارڊ تمغه امتياز انهن جي نالي تي ارپيندس تقريب دوران CDF جي جنرل سيڪريٽري رضا محمد سيال حاجي عابد لاشاري کي اعزازي ايوارڊ ڏنو جڏھن ته مهمانن پاران حاهي عابد لاشاري کي اجرڪون پڻ اوڍايون ويون

آگسٽ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو