سي ايس ايس جا نتيجا پڌرا، ڪاميابي جي شرح رڳو 2.77 سيڪڙو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سي ايس ايس 2025 جي لکت امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا.
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان جاري ڪيل پبلڪ نوٽيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته امتحان ۾ 18 هزار 139 اميدوارن درخواست ڏني هئي، جن مان 12 هزار 792 شريڪ ٿيا پر رڳو 354 ڪامياب ٿي سگهيا.
سي ايس ايس امتحان ۾ ڪاميابي جي شرح رڳو 2.77 سيڪڙو رهي، جڏهن ته جن اميدوارن جا ڪيس رد ڪيا ويا، انهن جا نتيجا قاعدن موجب روڪيا ويا آهن.

آگسٽ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو