انگلينڊ خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڏکڻ آفريڪي اسڪواڊ جو اعلان، ملر جي واپسي

Spread the love

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي تجربيڪار اسپنر ڪيشو مهاراج هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي، کيس ايندڙ مهيني انگلينڊ جي دوري لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
مهاراج کي آخري ٻن ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ آرام ڏنو ويو هو، پر هاڻي کيس سينوران مٿوسامي سان گڏ انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ چونڊيو ويو آهي.
پيٽرڪ موروني جي چونڊ ڪنوينر طور ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ اِها پهريون اسڪواڊ آهي، جنهن ۾ ڪيشو مهاراج، فاسٽ بولر لزاد وليمز ۽ آل رائونڊر مارڪو يانسن به واپسي ڪري رهيو آهي.
يانسن ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل ۾ زخمي ٿيڻ بعد آڱوٺي جي سرجري ڪرائي هئي، جڏهن ته وليمز کي گوڏي جي آپريشن سبب ڊگهي عرصي تائين ٽيم کان ٻاهر رهڻو پيو.
ان کانسوا ڊيوڊ ملر به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ واپسي ڪري رهيو آهي، هو آسٽريليا خلاف سيريز دوران فرنچائز ڪميٽمينٽ سبب موجود نه هو. جڏهن ته ڊونوون فريرا کي به انگلينڊ ۾”دي هنڊريڊ“ ليگ ختم ٿيڻ شامل ڪيو ويو آهي.
هن ڀيري رسي وين ڊر ڊوسن، جارج لنڊي ۽ نوجوان ليگ اسپنر نقابا پيٽر ٽيم ۾ جا نه ٺاهي سگهيا، جڏهن ته آف اسپنر پرينيلن سبراين جي بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿيڻ سبب سندس غور ناهي ڪيو ويو.
ان ڏس ۾ ڪوچ شوڪري ڪانراڊ چيو ته اسان گذريل سيريز ۾ مختلف اسپن آل رائونڊرن کي آزمايو، پر ڪيشو منصوبن جو حصو رهيو آهي. سندس واپسي سان اسڪواڊ ۾ تجربو، قيادت ۽ اعتماد ايندو.
انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ڏکڻ آفريڪا جو ساڳي اسڪواڊ برقرار رکي وئي آهي جيڪا آسٽرليا خلاف فاتح رهي، ڪويينا مافاڪا کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جئين ڪگيسو رباڊا جي انجري کي ڪور ڪري سگهجي.
ڏکڻ آفريڪا جو انگلينڊ خلاف ون ڊي اسڪواڊ ۾ ٽيمبا باووما (ڪپتان)، ڪوربن بوش، ميٿيو بريٽزڪي، ڊيوالڊ بريوس، نندري برگر، ٽوني ڊي زورزي شامل آهن
ان کانسواءِ ڪيشو مهاراج، ڪويينا مافاڪا، ايڊن مارڪرم، ويان مُلدر، سينوران مٿوسامي، لونگي نگيڊي، لُهوان-ڊري پريٽوريس، ڪگيسو ربادا، ريان رڪلٽن، ٽرسٽن اسٽبس به اسڪواڊ جو حصو آهن.
انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ٽيم جي قيادت ايڊن مارڪرم ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ ڪوربن بوش، ڊيوالڊ بريوس، ڊونوون فريرا، مارڪو يانسن، ڪيشو مهاراج، ڪويينا مافاڪا، ڊيوڊ ملر، سينوران مٿوسامي، لونگي نگيڊي، لُهوان-ڊري پريٽوريس، ڪگيسو ربادا، ريان رڪلٽن، ٽرسٽن اسٽبس، لزاد وليمز شامل آهن.

آگسٽ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو