ماحولياتي تبديلي جا سبب ۽ نقصان

ليکڪ اشـفاق سومرو
پوري دنيا ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري فصل اُپائيندڙ زمينون، آبھوا، پاڻي، انسانن ۽ جانورن سميت ھر پيداوار ڏيندڙ شيءِ متاثر ٿئي ٿـي. گذريل اھو دؤر جنھن ۾ سُج پنھنجي جُوڀن تي ھوندو ھـو پر پکين جون اکيون ھميشه حُسناڪ لڳنديون ھيون پـر ھاڻي گرمي پـد ايترو وڌيو آهي جو فطري طور جيئندڙ ڪجھ پکي ۽ ٻوٽا پنھنجو survive به نٿا ڪري سگھن. ھـن وقت دنيا ۾ خطري جا سائرن وڄندڙ آھن ماحولياتي تبديلي جنھن تي سائنسي علم جا ماهر، ذھين ۽ ڏاھا انسان سوچي رھيا آھن ته حالتون جيڪي ڪڏھن ٻوڏن، سخت گرمين، ڏڪار يا باھ جي صورت ۾ اچي فطرت سان دشمناڻو رويو رکن ٿيون انھن جو حل ڇا آھي انھي سان اڳتي ھلي ايندڙ نسلن لاءِ زمين رھڻ جي قابل نه ھوندي، ڇو تہ ڌرتيءَ اسان وٽ امانت آهي سار سنڀال يا خيال نه ڪنداسين تہ اسان پنھنجي ٻارن لاءِ ڪھڙو مستقبل ڇڏينداسين. رسالي ورلڊ ٽائيمز ۾ ھڪ مضمون ۾ لکيل ھو ته ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديليون جو سبب وڏا سرمائيدار ملڪ جيڪي توانائيءَ جو استعمال industries جي ڪري ڪن ٿا ته فطرت سان کيڏندڙ آھن اھـي اُسريل ملڪ جيڪي دھشتگردي جا جوابدار آھن جنھن جي ڪري ماحول ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو انساني زندگيءَ مٿان خطرناڪ اثرات پون ٿا سامونڊي طوفان، برساتن جو time pattern متاثر ٿيڻ ڪري اڻ مُندائتو مينھن جو گھڻو پوڻ، fertile زمينن جو خراب ٿيڻ، water crises جو وڌڻ ۽ گھٽجڻ، سامونڊي ڪنارن جو اڳتي وڌڻ ڪري ھزارين زرخيز ايڪڙ زمينون salt affected ٿين ٿيون، ۽ گرين هائوس گئسز جـو مقدار out of control ٿيڻ ڪري عالمي ليول تي لڳاتار خطرناڪ تبديليون نظر اچن ٿيون، قدرتي آفتون وڏين تباھين جو سبب بڻجن ٿيون مثال لاس اينجلس (آمريڪا) ۾ لڳندڙ باھ، سامونڊي سوناميون ۽ شديد گرميون اچن ٿيون.
ڌرتي جي روشني sun light آھي جيڪو توانائي رسائي ٿـو جنھن مان سائنسي علم موجب ٻوٽن جي بھتر واڌ ويجهه لاءِ تمام اھم آھي وڌندڙ گرمي پـد جو اثر ٻوٽن تي گھرو اثر وجھي ٿو، ھينئر ساري دنيا جا شھر ھوا ۽ پاڻي جي pollution سبب متاثث آھن ھوا، پاڻي ۽ زمين آلودگي ٿيڻ ڪري جانورن، پکين ۽ ٻوٽن جون ناياب جنسون ختم ٿينديون، آلودگي سان دم، چمڙي سميت ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجنديون آھن، پاڻي جي آلودگي جراثيمن ۽ ڪيميائي مادن جي واپرائڻ سان لکين ماڻھو اجل جو شڪار ٿين ٿا جيڪو سراسر انسانيت دشمن عمل آھي جنھن ۾ طاقتور ملڪ کان ويندي شھرن ۾ رھندڙ ھر فرد تائين سڀ ھڪ جيترا ملوث آهن.
ٻـئي پاسي ماحولياتي تبديلي جي روڪٿام لاءِ ڪنھن بہ قانون تي معاهدي تي عمل ناھي ڪيو ويو جيئن ته ھر روز وڻن جي واڍي، ٻيلن جي ڪٽائي Deforestation ٿئي ٿي ته وڻ گھٽجن ٿا ماحول ۾ ڪاربان جي سطح وڌي ٿي هونئن تہ ڪاربان جي وڏي مقدار ۾ پيداوار گئس، تيل ڪوئلي جي مائنگ، اسان جي سماجي سرگرمين ۾ ڪاٺ سڙڻ ٿا، ٽرانسپورٽ جي دُونھ سميت ڪيتريون ئي فيڪٽريون اضافو ڪن ٿيون جنھن سان ڌرتي جو گرمي پـد وڌي ٿـو گرين هائوس گئسز ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين مونو ڊاءِ آڪسائيڊ ٻيون گئسون ٺھن ٿيون جيڪي ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجن ٿيون اھڙي صورتحال ۾ گليشيئرس يعني برفاني جبلن جي رَجڻ سان ٻوڏون يا سوڪھڙي جو خدشو ٿئي ٿو، اسان کي گهرجي ته پنھنجن ماڻھن، درياهن، ڪئنالن، زراعت جيڪي مسلسل ماحولياتي بگاڙ سبب سخت متاثر ٿين ٿا انھن جي حفاظت ڪريو جيئن سڪون ۽ شانتي وارو مستقبل ايندڙ نسلن کي ڏئي سگھون.
ڪلائيميٽ چينج جو اصل سبب تـرقي جي نالي تي مقامي آبادي جا حق مارڻ، ماحوليات جي تحفظ کي ڇيڙڻ آھي جنھن جو مثال ساري دنيا ۾ آفريڪا، لاطيني آمريڪا کان وٺي ايشيا سميت آسٽريليا جي حصن تائين ملندو جنھن جي نتيجي ۾ سياسي توڙي مقامي مزاحمتي جھڙپون ٿيون ھيون، انھي development جي چڪر ۾ ٿر جي علائقي ۾ 9100 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي ڪوئلي جا ذخيرا مليل آهن انھي ذخيرن جي کوٽائي لاءِ 2.1 بلين ڊالر جي لاڳت سان چين سرمائيداري طريقي سان ميگاواٽ بجلي جو ڍونگ لڳائي ھڪ طرف ٻه ھزار ايڪڙن کان مٿي ايراضي تي ڊيم ٺاهي mining لاءِ نڪتل کارو (زھريلو) پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٿو جيڪو ماحولياتي تبديلي جو سبب ھئڻ سان گـڏ ڪيترن ئي ڳوٺن جي آبادي کي متاثر ڪري ٿو جنھن جي نتيجي طور لڏپلاڻ، مال جي چراگاهن جو ختم ٿيڻ، کوھ جو پاڻي ڪڙو ٿيڻ سميت ڪيترائي مثلا پيدا ڪري ٿو، انھي ساڳي نموني سان عالمي برادري تي پڻ ملڪن اندر پاور پلانٽس، نجي ڪمپنيون، پيٽروليم مائيننگ، بجلي گھرن سميت سيڙپڪاري جا کوڙ نمونا آڻي دنيا جي ساري گولي کي خطرناڪ زھريلن گئسن حوالي ڪيو ويو آھي، ھر سال انھي جي علامت ٻوڏن، گرمي جي لھرن ۽ زرعي بحرانن جي صورت ۾ اچي ٿي ھي صورتحال نه صرف معيشت کي نقصان پھچائي ٿـي پر انساني صحت، خوراڪ جي تحفظ ۽ روزاني جي زندگي کي به خطري ۾ وجھي سگھي ٿي، اصل ۾ ماحولياتي تبديلي جو وڏو سبب خود انساني عمل آھن جنھن جي نتيجي ۾ فضا کي زھر آلودا ڪري ٿو.
ھاڻي ڪلائيمنٽ چينج ۽ گلوبل وارمنگ ڪري ٽيمپريچر وڌڻ سان ٻُوٽن تي اثر پون ٿا جنھن ۾ پُوک جي موسم متاثر ٿئي ٿـي خشڪ سالي يا گھڻي برسات جي دٻاءُ سان ٻوٽي جون واڌ ۽ پيداوار ٻئي متاثر ٿين ٿيون جڏھن تہ CO2 ٻوٽن جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي گھڻي سطح تي ٻوٽن جي تبديلين جو سبب بڻجي سگھجي ٿو.
ان وقت تائين عالمي ليول جيڪي به سرمائيدار ملڪن وچ ۾ ٺاھ ٿيا آهن جن ۾ Kyoto protocol، 2015 ۾ پئرس ايگريمنٽ سميت جيڪي به قانون جُڙيا گڏجاڻيون ڪوٺايون ويو معاهدا ٿيا اھـي سڀ حڪمت عمليون استحصال جو شڪار ڪري پنھنجو پنھنجو دشمناڻو رويو رکندا اچن، NATO سميت دنيا ۾ جيڪي ملڪ atmosphere ۾ گھڻي ڀاڱي گدلاڻ ڦهلائيندڙ گئسون خارج ڪن ٿا اھـي ھميشه ٻن راين تـي قائم رھيا آھن ته اسان جـو نجي ڪمپنيون پروفٽ جي بازار ۾ اڳيان رھن ۽ ملڪ جي ايڪانامي کي مضبوط ڪرڻ سان گـڏ مزاحمت (جنگ) جو چئيمپين ٿيڻ لازمي آهي. ترقي جي ڊُوڙ ۾ سوشلسٽ ۽ ڪيپيٽلسٽ آمھون سامھون رھيا آھن سويت يونين جي ٽٽڻ کان پوء سرد جنگ دوران ئي ماحولياتي تبديلي اثرانداز ٿيندي معاشي جياپي ۽ جھنگلي جانورن جي تباھڪارين جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ تائين نيوڪليئر دؤر ۾ شامل آھي، ۽ ٻئي پاسي سموري تبديل ٿيندڙ وايو منڊل جا انساني آبادي جي نفسيات تي پُڻ اثر پون ٿا جنھن سان خودڪشيون، بُک بدحالي، خراب حڪمراني، ڪرپشن، پنھنجا نوازي، جبر ڏاڍ سميت بنيادي سهولتن جي اڻهوند ان سموري صورتحال سان جُڙيل آهي، حڪومتن ۽ عالمي ادارن کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، اسان پنھنجي اجتماعي سوچ ذريعي ماحولياتي بچاءُ لاءِ ڪوشش، انساني عزت ۽ وقار، ماڻھو جو قدر، سماجي ڀلائيءَ جا پروگرام، بنيادي ضرورتن، تعليم، صحت، روزگار ۽ سلامتي جا پروگرام شامل ڪري پنھنجي ڌرتي، Nature ۽ وجود کي بچائي سگھون ٿا ته جنھن سان اسان جو وجود ئي برقرار رھي سگھي ٿو جيئن اسان انساني وجود کي برقرار رکڻ لاءِ ھن ڌرتيءَ کـي وينٽيليٽر تي پھچائڻ کان ڪناراڪشي ڪري سگھون ٿا، اسان تـي اھو فرض آهي تہ پنھنجي ڌرتي ۽ ماحول کي صاف رکندي ايندڙ نسلن کي ڪيترن ئي بيمارين کان بچائي سگھون ٿا جنھن ۾ ساھ کڻڻ لاءِ سٺي گئس موجود ھجي جيڪا آلودگين کان صاف ھجي، ھر فرد پنھنجو ڪردار ادا ڪري وڻ پوکڻ کان وٺـي پاڻي جي بچاءَ تائين، ٻيلن جي ڪٽائي جي روڪٿام کان وٺي نالين ۽ گھٽين ۾ گندگيءَ ڦهلائڻ بند ڪري صاف ۽ تازي توانائي استعمال ڪري ڇو تہ ننڍڙا قدم وڏي تبديلي آڻيندا آهن جنهن سان ايندڙ نسل کي محفوظ ڌرتي ملي سگھندي.