نوابشاهه ۾ آل ڪميونٽي آرائين ويلفيئر سوسائٽي طرفان ٻن ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ، 350 کان وڌيڪ مريضن جو علاج

نوابشاه( رپورٽ :عبدالفتاح رند) آل ڪميونٽي آرائين ويلفيئر سوسائٽي جي اهتمام هيٺ منوآباد ۾ ٻه ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳايو ويو، جنهن جو افتتاح ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسد الله ڏاهري ڪيو۔ افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر اسد الله ڏاهري چيو ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي انهن کي نصيب ٿيندي، جيڪي دکين جي مدد ڪن ٿا۔ هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته صحت جون وڌيڪ کان وڌيڪ سهولتون عوام کي مهيا ڪيون وڃن۔ هن ميڊيڪل ڪيمپ ۾ آل ڪميونٽي ويلفيئر سوسائٽي سان مڪمل تعاون ڪيو ويو،
جنهن ۾ مريضن لاءِ دوائون، ليبارٽري ٽيسٽ، ايڪسري، ڪيميڪل ٽيسٽ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو۔ ان موقعي تي هيومن رليف انٽرنيشنل پاڪستان سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر ۽ نوابشاه سيٽيزن ڪاميٽي جي صدر محمد اسلم نوري سلطاني چيو ته ڏکي انسانيت جي خدمت اسان جو مشن آهي، ۽ انشاءَ الله جيستائين ساه آهي، اسان عوام جي ڏکن کي گهٽائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪندا رهنداسين۔ تقريب کي محمد اسلم، غني ڪريم، انيس حنيف آرائين ۽ ماسٽر محمد اقبال آرائين به خطاب ڪيو۔ ڊاڪٽر منصور احمد قريشي ٻڌايو ته ڪيمپ ۾ تقريبن 350 کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو ويو ۽ مفت دوائون ڏنيون ويون۔ ان سان گڏ هيپاٽائٽس بي، سي، ايم آر آئي، الٽراسائونڊ، مليريا ۽ ٻين ٽيسٽن جون سهولتون به فراهم ڪيون ويون۔
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسد الله ڏاهري بهترين انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن ڊاڪٽرن جي خدمتن کي ساراهيو، خاص طور تي چمڙي جي ماهر ڊاڪٽر منصور احمد قريشي جي محنت ۽ خدمت کي سراھيو ۽ چيو ته هو هڪ قابل ۽ محنتي ڊاڪٽر آهي۔
آگسٽ 22, 2025