سڪرنڊ ۾ عورتن جو احتجاج: شناختي ڪارڊ هڙپ ڪري نالي تي قرض وٺڻ واري عورت خلاف ڪارروائي جو مطالبو

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ جي زئوئر ڪالوني جي رهائشي عورتن مسمات مومل عباسي ، مسمات وزيرا عباسي ، مسمات صغريٰ عباسي ، مسمات ثميرا عباسي ۽ مسمات بيگم عباسي سڪرنڊ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته لطيف ڪالوني سڪرنڊ جي عورت مسمات رشيده عباسي اسان کي بينڪن مان آسان قسطن تي قرض وٺي ڏيڻ جي بهاني اسان کان شناختي ڪارڊ ورتا پر ڪوبه قرض اسان کي نه مليو بار بار پڇڻ باجود آسرا ۽ ڏٽا ڏيندي رهي جڏھن ته هاڻي سنڌ بينڪ ۽ عائشه بينڪ وارا اسان کي تنگ ڪري رهيا آهن ته اوهان قرض کنيو آهي
ان جون قسطون جمع ڪرايو جڏھن ته اسان کي ڪوبه قرض نه مليو آهي جڏھن ته قرض وٺرائڻ جو دلاسو ڏيندڙ رشيده عباسي غائب آهي ان ڪري اسين ٻنهين بينڪن کي چتاءُ ٿا ڏيون ته جيڪڏھن اسان کي تنگ ڪيو ويو ته اسين پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي ڪارڊن کي غلط استعمال ڪري اسان جي نالي سان قرضي کڻندڙ مسمات رشيده کي هٿ ڪري کائنس اسان جا ڪارڊ ۽ بينڪ جو قرض ورتو وڃي .
آگسٽ 22, 2025