پيارو شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج: ڪارپوريٽ فارمنگ، غيرقانوني ڪئنالن ۽ منشيات جي وڪري خلاف ريلي

ڦلجي اسٽيشن(رپورٽ: غلام حيدر پنهور ) پيارو شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ ، سنڌوء درياء مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ ، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪن جو ريلي ڪڍي پيارو اسٽيشن چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ريلي ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي ،
ريلي علي ڪميونڪيشن چوڪ کان نڪتي جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي اچي مين چوڪ تي پهتي ، ان موقعي تي مظاهرين ايڊووڪيٽ مير کوسو، سومر چانڊيو ، اصغر رند ، پنھل سولنگي ، صدام ڪلھوڙو ، سڄڻ سيتائي ، منور ملاح ۽ ٻين چيو ته سنڌ اسان جي امڙ آهي ء اسين سنڌ ڌرتي جا حلالي پٽ آهيون سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا ، سنڌوء مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ سميت سنڌ جي اثاثن جو وڪرو اسان ڪڏهن به قبول ڪونه ڪنداسين ،
ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون غير قانوني طور تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون جيڪا سنڌ جي اصلوڪي هاري ۽ آبادگارن سان وڏي ويساه گهاتي آھي ٻئي پاسي سنڌ ۾ منشيات جو وڪرو سري عام آهي جنهن سبب نوجوان نسل جنهن ۾ خاص طور تي شاگرد طبقو متاثر ۽ تباه ٿي رهيو آهي ، منشيات جو وڪرو علائقي سميت سموري سنڌ لاء ناسور بڻجي چڪو آھي
مظاهرين وسوارن سميت لاڳاپيل ادارن جي اعلا اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو رينگٽ بند ڪرڻ سميت سنڌوء مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي بدامني کي ٻنجو ڏئي ، منشيات جو وڪرو پڻ بند ڪيو وڃي ،
آگسٽ 22, 2025