سيوهڻ ۾ مبينه پوليس تشدد خلاف آواز: سردار رجب خان شاهاڻي پاران شفاف جاچ ۽ ون فائيو انچارج کي هٽائڻ جو مطالبو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوهڻ جي عدالت ٻاھران  بخشل شاهاڻي تي ون فائيو انچارج سيوهڻ پاران ڪيل مبينہ بدترين تشدد خلاف نيڪ مرد سردار رجب خان شاهاڻي سيوھڻ جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منظور دل جيڪو ھي عمل ڪيو اھي، اهڙي عمل سان نه صرف قانون جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، پر هڪ بيگناهه ماڻهوءَ جي عزت نفس کي به لتاڙيو ويو آهي، سردار رجب خان شاهاڻي وڌيڪ چيو ته پوليس جي ذميواري عوام جي جاني ۽ مالي تحفظ ڪرڻ آهي،

پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سيوهڻ ۾ ڪجهه اهلڪار پنهنجو اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري رهيا آهن،  هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوار جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙيون ڪارروايون ورجائجي نه سگھن، ھن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيل آھي ته ڪوبه عملدار پنھنجي ڄمڻ جي ضلعي ۾ نوڪري ڪري نه سگھندو، پر منظور دل ون فائيو انچارج سيوھڻ جيڪو ڄامشورو ضلعي جي تعلقي سيوھڻ جو رھاڪو آھي،

ھو سيوھڻ ۾ ڪيتري وقت کان ڊيوٽي سرانجام ڏئي رھيو آھي، جيڪو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي آھي، جڏھن ته سيوھڻ شھر ۾ ڪيتري منشيات وڪرو ٿي رھي آھي، اتي ون فائيو انچارج ڇو خاموش آھي، ھو غريب ماڻھن سان ظلم ڪري رھيو آھي، مان ان کي چوندس ته شاھاڻي قوم نڌڻڪي نه آھي، مان پنھنجي قوم سان گڏ آھيان، توھان ھن واقعي جي صحيح نموني جانچ ڪيو، 

جيڪڏھن اسان جي قوم جو ھي نوجوان ڏوھاري آھي تہ توھان ان کي ڀلي سزا ڏياريو، پر توھان اسان جي نوجوان تي تشدد ڪيو آھي اھو قانوني جرم آھي، مان وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ ان جي پرسنل سيڪريٽري سليم خان باجاري کي چوندس ته ون فائيو انچارج سيوھڻ منظور دل کي سيوھڻ مان ھٽايو وڃي.

آگسٽ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو