ٽھڻي شريف ۾ سيد قائم الدين شاهه جيلاني جو 98هون ساليانو عرس عقيدت سان ملهايو ويو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ:محمد صفر ايم سيوھاڻي) ھر سال جيان ھن سال به ساليانو 98 ھون عرس مبارڪ سيد قائم الدين شاه جيلاني رحمت الله عليه جي درگاهه ٽھڻي شريف يونين ڪائونسل جھانگارا تعلقه  سيوھڻ ۾ زير صدارت سيد بھاول الدين شاهه جيلاني جي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو، سيد غلام مصطفي شاهه المروف سيد عبدالحڪيم شاهه جيلاني،

سيد غلام مرتضي ۽ فياض شاهه جيلاني پير آف ملتان مريدن ۽ عقيدتمندن سان گڏجي سيد قائم الدين شاهه جيلاني درگاهه ٽھڻي شريف تي  حاضري ڀري چادر چاڙھي عرس مبارڪ جي رسمن جي شروعات ڪئي، ھن عرس مبارڪ جي موقعي تي مولوي محمد عالم جت‚ ڊاڪٽر محمد ارشد بلوچ ۽ حافظ فاروق احمد باريچو خطاب ڪيو، ھن عرس مبارڪ ۾  پاڪستان جي سڀني علائقن مان مريدن ۽ عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،

ھن عرس مبارڪ جي آخر ۾ سيد بھاول الدين شاهه جيلاني‚ سيد غلام مصطفي شاهه جيلاني المعروف سيد عبدالحڪيم شاهه جيلاني‚ سيد غلام مرتضي فياض  شاهه جيلاني پير آف ملتان مريدن عقيدتمندن سميت عالم اسلام جي خيرو برڪت جون دعائون پڻ ڪيون.

آگسٽ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو