دادو: ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، فريادي ڌر ۽ جوابدار عدالت ۾ پيش، شاھدن جا بيان رڪارڊ، ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي،

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي ٽن گھر ڀاتين پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت دادو ۾ ٿي گذري ٻڌڻي دوران فريادي ڌر ام رباب چانڊيو ۽ پرويز چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنھور سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برھان خان چانڊيو ۽ ٻيا پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا عدالت ۾ ٻڌڻي دوران برھان خان چانڊيو جي شاهدن کان شاهدي ورتي وئي

ان موقعي تي ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاهدي ڏيندڙ اڪثر شاهد سردارن جا ويجها آهن، جيڪي بلاجواز پروپيگينڊا ڪن ٿا ۽ سوشل ميڊيا تي ٺهيل منفي مهم هلائي رهيا آهن، ام رباب چيو ته ايم اين اي رسول بخش چانڊيو ۽ ايم پي اي ممتاز چانڊيو پنهنجي بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن، جن کان هاڻ اسان جو وڪيل قانوني طريقي سان آڏي پڇا ڪندو، ۽ اميد آهي ته عدليا اسان سان انصاف ڪندي ٻئي پاسي سردار احمد چانڊيو چيو ته يقين سان چوان ٿو ته اسان جي ڌر جو ڪو به ماڻهو فريادي ڌر وٽ فيصلي لاءِ ناهي ويو،

جڏهن ته ممتاز چانڊيو چيو ته واقعي واري رات برھان خان چانڊيو منهنجي حيدرآباد واري بنگلي تي موجود هو، جنهن بعد اسان گڏجي بلاول ڀٽو جي جلسي ۾ شامل ٿيا هئاسين،  عدالت شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي،

آگسٽ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو