دادو: گهريلو تڪرار عورت مڙس خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي وئي،

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرورجلال سولنگي) دادو جي ٿاڻي اي سيڪشن جي حد ۾ گھريلو تڪرار تان مڙس هٿيار کڻي زال تي تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي عورت نويده ملاح پاڻ اي سيڪشن ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي، جنهن بعد کيس علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي عورت جو چوڻ آهي ته مڙس اشرف ملاح سان گھريلو تڪرار هلندڙ هو. هن اڳ ۾ ئي اشرف ملاح کان خلع ورتي هئي،

پر برادري جي معزز ماڻهن جي زور ڀرڻ تي ٻيهر اشرف سان شادي ڪئي. عورت موجب ٻيهر نڪاح ٿيڻ باوجود مڙس بدسلوڪي بند نه ڪئي ۽ هن ڀيري هٿيار کڻي مارڻ لاءِ حملي ۾ کيس سخت زخمي ڪيو نويدہ ملاح الزام لڳايو آهي ته سندس مڙس مسلسل بدسلوڪي ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته هاڻ هٿيار سان حملو ڪري کيس زخمي ڪيو آهي. هن ايس ايس پي دادو ۽ وومين پروٽيڪشن سيل انچارج کي اپيل ڪئي آهي ته کيس انصاف ڏياريو وڃي ۽ ذميوار خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي،

پوليس موجب عورت جي درخواست تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي ۽ معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، عورت سان انصاف ڪيو ويندو،

آگسٽ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو