گلگت بلتستان: گليشيئر ڦاٽڻ سبب تباهي، ڪيئي ڳوٺ پاڻي هيٺ، فوج ٻه سئو ڄڻن جون زندگيون بچائي ورتيون

Spread the love

غذر (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي ضلعي غذر ۾ گليشيئر ڦاٽڻ سبب آيل ٻوڏ هڪ ڀيرو ٻيهر تباهي مچائي ڇڏي، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.
ضلعي انتظاميا موجب، لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ گلگت-شندور روڊ مڪمل طور بند ٿي ويو آهي، تالي داس نالي ۾ ٻنهي طرفن کان جبل سرڪڻ سبب ڳوٺ رائوشن جا رهواسي ڦاسي پيا آهن.
گهرو وزير جي بي شمس لون جو چوڻ آهي ته ٻوڏ غذر ۾ وڏي تباهي آندي آهي، پر خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. ڪجهه ماڻهن جي ڦاٿل هجڻ جي اطلاع تي هيلڪاپٽر طلب ڪيو ويو آهي.
گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق ٻڌايو ته گوپس جي علائقي تلي داس ۾ گليشيئر ٽٽڻ سبب درياهه جو وهڪرو رڪجي ويو آهي، ٻوڏ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، فصلن ۽ گهرن کي سخت نقصان رسيو آهي.
ايڊشنل ڊي سي غذر موجب، تالي داس رائوشن ۾ رات ٽِين وڳي کان غذر درياهه مڪمل بند آهي، جنهن سبب پاڻي جي رڪاوٽ وڌيڪ آبادي لاءِ خطرو بڻجي رهي آهي. بهرحال وقت سر اطلاع ملڻ سبب ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.
ضلعي انتظاميا موجب، رائوشن نالي ۾ ڦاٿل 200 ماڻهن کي ڪاميابي سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي، ڳوٺاڻن کي وقت سر اطلاع ڏيڻ وارو ڌنار ۽ سندس ڪٽنب جي ڇهن ڀاتين 6 کي به پاڪ فوج جي ريسڪيو آپريشن ذريعي بچائي ورتو آهي.
ترجمان فيض الله فراق جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب غذر ۾ 7 ڪلوميٽرن تائين علائقي ۾ مصنوعي ڍنڍ ٺهي وئي آهي، 100 کان وڌيڪ گهر متاثر ٿيا، جڏهن ته فصلن ۽ باغن کي به نقصان پهتو آهي، هڪ ڪلوميٽر ڊگهو روڊ به ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي ويو ويو آهي.

آگسٽ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو