پاڪ-ڀارت جنگبندي، نائب وزيراعظم وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان ڪشمير جي مسئلي سميت سمورن حل طلب معاملن تي گڏيل ڳالهين لاءِ تيار آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار ٻڌايو ته پاڪ–ڀارت جنگبندي تي عمل جاري آهي، جنگبندي لاءِ ڀارت آمريڪا کي درخواست ڪئي هئي ۽ ان سلسلي ۾ مون کي آمريڪا کان فون آيو، جنهن تي مون واضح ڪيو ته پاڪستان ڪڏهن به جنگ ناهي چاھي.
هن چيو ته اسان ڪڏهن به ڪنهن کي نه چيو هو ته اسان کي ڀارت سان ويهاريو، پر جيڪڏهن ڪنهن نيوٽرل هنڌ تي ملاقات ٿيندي ته اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو.
اسان واضح ڪيو هو ته ڀارت سان ڪنهن هڪ نقطي واري ايجنڊا تي ڳالهه نه ٿيندي، پر ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڀارت طرفان بناجواز بيان بازي جاري آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو اڃا شيڊيول ناهي، جڏهن ته منهنجو بنگلاديش جو ٻن ڏينهن وارو دورو طئي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ بنگلاديش کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ آهي.