آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان نه پيو اچي: پرڏيهي کاتو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان واضح ڪيو آهي ته چين ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي وچ ۾ ڪائي ملاقات طئي ناهي.
پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سڀاڻي بنگلاديش جي دوري تي روانو ٿيندو، جنهن جا هاڪاري اثر پوندا، دهشتگردي جي خاتمي ۽ واپار کي هٿي ملندي.
ترجمان چيو ته چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جو 2 ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪاميابي سان مڪمل ٿيو، جنهن دوران هن وزيراعظم شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ ٻي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪيون.
اسلام آباد ۾ ڇهون پاڪ–چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ٿيو، جنهن ۾ سي پيڪ فيز–ٽو، واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سهڪار تي اتفاق ٿيو. ٻنهي ملڪن افغانستان، وچ اوڀر ۽ دهشتگردي بابت به صلاح مشورا ڪيا.
ترجمان موجب، پاڪستان ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي چين کي آگاهه ڪيو ۽ ڪشميرين جي حق خوداراديت تي چين جي حمايت کي ساراهيو، ان موقعي تي دفاعي سهڪار، تعليم ۽ ثقافتي لاڳاپن تي به ڳالهيون ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪ–چين دوستي خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي ۽ وانگ اي جو دورو ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.
ترجمان بريفنگ ۾ دوران چوڻ هو ته ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جو ٽه ڌريو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسحاق ڊار، وانگ اي ۽ افغان پرڏيهي وزير شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ سياسي، اقتصادي ۽ سلامتي سهڪار تي مشاورت ٿي، جڏهن ته خطي ۾ امن لاءِ گڏيل قدم کڻڻ ۽ سي پيڪ کي افغانستان تائين وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. سرحدي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خطري بابت پڻ تفصيلي بحث ٿيو.
پاڪستان افغان عوام جي ڀلائي ۽ امن عمل ۾ مدد جو ٻيهر عزم ورجايو، جڏهن ته چين افغانستان جي ترقي ۽ نئين سر اڏاوت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو واعدو ڪيو.
افغان پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين جي حمايت کي ساراهيو. منشيات، اسمگلنگ ۽ منظم ڏوهن جي خاتمي تي اتفاق ٿيو. تعليم، صحت ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو ويو.
ترجمان موجب، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار 17 آگسٽ کان برطانيا جي دوري تي ويو، جتي هن برطانوي نائب وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ ٻين ملڪن جي وزيرن سان به رابطا ٿيا.
18 آگسٽ تي بيجنگ ۾ پاڪ–چين آرمز ڪنٽرول ۽ ڊس آرمامنٽ ڳالهين ۾ پاڪستان جي نمائندگي طاهر اندرابي ڪئي. پاڪستان عالمي ٽياڪڙي عدالت جي سنڌ طاس معاهدي بابت فيصلي جي آجيان ڪئي، جيڪو ٻنهي ملڪن لاءِ قابل عمل آهي.
هن چيو ته پاڪستان گريٽر اسرائيل بابت بيانن جي سخت مذمت ڪري ٿو، جيڪي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهن.
پاڪستان ڀارتي پرڏيهي کاتي جي جي ايٽمي بيانن کي به رد ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي برادري ۾ ذميوار ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ ڀارت جي ڪنهن به مهم جوئي جو سخت جواب ڏنو ويندو.
ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا متاثر نٿا سگهن. دهشتگردي خلاف ٻنهي ملڪن جو پراڻو سهڪار جاري آهي.
هن چيوته ڀارت ۾ پاڪستاني سفيرن کي تنگ ڪرڻ افسوسناڪ آهي، جڏهن ته پاڪستان سفيرن سان عزت سان پيش اچڻ تي يقين رکي ٿو.
هن خبردار ڪيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جون پناهه گاھون ۽ سرحد پار حملا ڳڻتي جوڳا آهن، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا اهو معاملو افغان حڪومت آڏو اٿاريو آهي.
ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم جي موجب پاڪستان ڀارت سان گڏيل ڳالهين لاءِ تيار آهي، جيڪي ڪنهن هڪ نقطي بدران سڀني معاملن تي ٿيڻ گهرجن، هن وڌيڪ چيو ته سياست ۽ راند کي گڏ نه ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪا جي دوري بابت پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته جڏهن به شيڊيول ٿيو ته آگاهه ڪيو ويندو.، آمريڪي پرڏيهي وزير جو آڪٽوبر ۾ پاڪستان اچڻ جو ڪو به امڪان ناهي، اهي رڳو افواهه آهن. جڏهن ته دوست ملڪن جي وچ ۾ هر سطح تي رابطن جو سلسلو جاري رهندو.

آگسٽ 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو