برساتون، حڪومتي بدانتظامي جو آئينو به آهن ته سکڻ لاءِ سبق به
جيڪڏهن اصلاحي پهلوءَ کان ڏسجي ته اسان جي حڪومتن لاءِ هي برساتون هڪ سبق به آهن جيڪي برساتي نظام ۾ اوهان جي ڪارڪردگي جو آئينو بڻجي توهان کي ٻڌائن ٿيون ته گذريل سالن جي برساتن ۽ حفاظتي انتظامن جي روشني ۾ اوهان پنهنجي هاڻوڪي ڪارڪردگي جو تقابلي جائزو وٺي سگهو ٿا ۽ ان نتيجي ۾ ڏسي ۽ سمجهي سگهو ٿا ته اوهان جي ڪٿي ڪارڪردگي بهتر آهي، ڪٿي خراب آهي سو انهن برساتن کي حڪومتي ڪارڪردگي جو امتحان به چئي سگهجي ٿو ۽ ان ۾ ڏيکاريل ڪارڪردگي ان امتحان جو نتيجو به سمجهي سگهجي ٿو.
اها حقيقت آهي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ته مخالف سياسي جماعتون برساتن جي انتظامي معاملن تي به سياست ڪنديون آهن ۽ انهن کي حڪومتي ڪارڪردگي تي جائز ناجائز نموني تنقيد ڪرڻ ۽ پوائنٽ اسڪورنگ وڌائڻ جو موقعو ملي ويندو آهي جيڪو به غلط ۽ مذمت جوڳو عمل آهي پر ان جو اهو به مطلب ناهي ته ڪو حڪومتي ڪارڪردگي بهتر آهي. اسان وٽ حڪومتن جي بدترين ڪارڪردگي يعني بيڊ گورننس جو تاثر عام هوندو آهي جيڪو غلط به ناهي هوندو.
هن وقت ڏسجي ته ملڪ اندر تجربيڪار اقتداري جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي حڪومت آهي تنهن ڪري انهن مان اصولي طور تي اها توقع ڪري سگهجي ٿي ته انهن کي تجربيڪار حڪومت واري ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي. هي ٻئي اقتداري جماعتون لڳ ڀڳ 30 سالن کان پارليامنيٽ اندر حڪومت ۽ مخالف ڌر جي حيثيت ۾ موجود رهيون آهن تنهن ڪري هاڻي انهن جي حڪومتي ڪارڪردگي هر سال اصولي طور تي بهتر کان بهتر ٿيڻ گهرجي پر افسوس ته چونڊيل حڪمران جماعتون اهڙو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. اسان اڄ انهن سببن تي نه پر برساتي انتظامن تائين پنهنجي موضوع کي محدود رکون ٿا.
اسان جو اهو خيال آهي ته چؤماسي جي برساتي موسم هر سال ايندي آهي ۽ هر سال ججهيون برساتون پونديون آهن، جنهن ڪري درياهن ۾ چاڙهه ايندو آهي ۽ ان چاڙهه سبب ٻوڏون به اينديون آهن. اها به حقيقت اهي ته هر سال اسان حڪومتن کي ان موسم جي حوالي سان اڳواٽ حفاظتي انتظام ڪرڻ جو يادگيرو به ڏياريندا آهيون ۽ اهو به ٻڌائيندا آهيون ته ڪهڙا ۽ ڪيئن انتظام ڪرڻ گهرجن پر افسوس ته اهي گهربل انتظام پوءِ به ناهن ٿي سگهندا مثال اسان هميشه اهو چوندا رهيا آهيون ته ندين نالن واهن جون هر سال کوٽايون ڪجن ۽ انهن ۾ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش جيترو ممڪن هجي ويڪري ڪئي وڃي. بندن جي پچنگ ڪئي وڃي ۽ انهن کي هر سال مٽي وجهي مٿي ڪيو وڃي ته جيئن نه بندن کي گهارا پئجي سگهن نه ئي درياهه جو چاڙهه انهن بندن کي ٻوڙي سگهي. ايئن وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ برساتي نيڪال جو انتظام هر سال بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. ايمرجنسي جا انتظام مڪمل هجن. انهن ڪمن لاءِ جيتري بجيٽ گهرجي ۽ جيترو مئن پاور گهرجي تنهن جو بندوبست ڪجي پر هر سال جيئن ئي چؤماسي جي موسم ختم ٿي ويندي آهي ته ان معاملي کي ”رات گئي بات گئي“ وانگر به اتي ئي ڇڏي ڏبو آهي. جڏهن ته ڏسجي ته ان لاءِ حڪومتي ادارا ۽ وزارتون به هونديون آهي بجيٽ به هوندي آهي پر ڪجهه ناهي هوندو ته ڪم ناهي هوندو،
هاڻي به هن سال واري چؤماسي جي موسم ۾ برساتي تباهين مان وقت جي حڪومتن کي سکڻ جو موقعو آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا ماضي جي ۽ هاڻوڪي تجربن مان واقعي به سکيو ويندو. جيڪڏهن سکڻ جي ۽ پنهنجي اصلاح جي نيت هجي ته سکڻ جو وڏو مواد آهي. جن ملڪن اندر روز برساتون پونديون آهن تن کان به سکي سگهجي ٿو. ملڪ اندر به هر شعبي جا ماهر موجود آهن جن کان صلاحون وٺي سگهجن ٿيون ٻيو ته ڇڏيو ميڊيا تي ئي ايڏو مواد پيو آهي جو اهو پڙهي پنهنجي اصلاح ڪري سگهجي ٿي.
جيستائين ڪراچي جو معاملو آهي ته ڪراچي جو شهري انتظام ۽ ماڊل جيڪو انگريزن جي دور جو ٺهيل آهي تنهن کي ئي فالو ڪندو اچجي ها ۽ ان ماڊل کي ئي پاليسي ۽ حڪمت عملي جو حصو بڻائجي ها ته ڪراچي جو بهترين انتظامي نظام برقرار هجي ها. پر الميو اهو آهي ته حڪومتن انگريزن جي انتظامي ماڊل تحت ڪم نه ڪيو. رهندو برساتي ۽ سيوريج جي پاڻي جي نيڪال جا جيڪي ننڍا وڏا نالا هيا تن مٿان ئي اڏاوتون قائم ڪري انهن کي بند ڪيو ويو. معنيٰ انگريزن جي انتظامي ماڊل مان فائدو وٺڻ بدران رهندو ان کي ضايع ڪيو ويو. هاڻي به حڪومت جيڪڏهن انگريزن جي اصل انتظامي ماڊل کي بحال ڪري ته ڪراچي جو وڏو مسئلو هاڻي به حل ٿي سگهي ٿو.
اها به افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪراچي کي سياسي دشمني ۾ به هٿ سان تباهه ڪيو ويندو آهي ته جيئن ان سان وقت جي حڪومت بدنام ٿئي. حڪومت کي گهرجي ته اهڙين سياسي جماعتن کي بي نقاب ڪري ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري. اصولي طور تي ڏسجي ته پارليامينٽ ۾ موجود هر جماعت کي حڪومتي سطح جي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي مثال طور تي جيڪڏهن مڪاني نظام ۾ ٻين سياسي جماعتن جا به چيئرمين ۽ ٽائون ايڊمنسٽريشن موجود آهن جن ۾ 13 ٽائون چيئرمين جماعت اسلامي جا به آهن، پي ٽي آءِ جا به آهن ڪافي علائقا ڪينٽومينٽ ادارن جي حوالي به هوندا آهن. تنهن ڪري سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي.
ڪراچي جي برساتي صورت حال تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي طور تي وڏي ڪوشش ڪئي ته حفاظتي انتظام بهتر کان بهتر ڪجن جنهن ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب به ٿيا آهيون پر ميڊيا صرف منفي رپورٽون ٿي ڏئي. هن چيو ته هينئر صورتحال اها آهي ته ڪينٽومينٽ بورڊ، ڪي ڊي اي، ڪائونسلر يا ڪي ايم سي سڀ پنهنجي ٿا هلائين، ڪو مربوط نظام ناهي. اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن ايئن آهي ته آخري ذميواري سنڌ حڪومت جي وڏي وزير جي آهي ته اهو حڪومتي ۽ انتظامي نظام تي پنهنجي اٿارٽي رکي، پ پ کي هونئن به ڏسجي ته 2008 کان لاڳيتو چوٿون ڀيرو حڪومت ملي آهي ايڏي عرصي ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت جو پنهنجي انتظامي نظام تي مڪمل ڪنٽرول هئڻ گهرجي. هاڻي به ان کي ئي پنهنجي گڊ گورننس ڏيکارڻ لاءِ موجوده برساتي نتيجن جي روشني ۾ بهتر کان بهتر انتظام ڪرڻ گهرجن پر اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن حڪومت جي اها ترجيح هوندي.
آگسٽ 22, 2025