ضلعي دادو ۾ ضمني بلدياتي چونڊن جي تيارين بابت ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي)دادو ڊپٽي ڪمشنر دادو جي صدارت ھيٺ ضلعي دادو ۾ ضمني بلدياتي چونڊن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ضلعي دادو ۾ بلدياتي ادارن جون خالي ٿيل سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن جي حوالي سان انتظامي معاملن ۽ تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ڪيو ويو.  

اجلاس ۾ ضلع اليڪشن ڪمشنر دادو سيد شاهد علي رضوي، ايس ايس پي دادو ڪيپٽن ريٽائرڊ امير سعود مگسي، اي ڊي سي ٽو سڪندر رستماڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي عدنان اظهر هڪڙو، فوڪل پرسن فيضان احمد ٿيٻو ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا،اجلاس دوران ضلع اليڪشن ڪمشنر دادو ضمني بلدياتي چونڊن جي انعقاد لاءِ ڪيل انتظامن ۽ گهربل وسيلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته چونڊون هڪ جمهوري عمل آهن ۽ ان جي شفافيت ۽ پرامن انعقاد کي يقيني بڻائڻ ضلعي انتظاميه، اليڪشن ڪميشن ۽ پوليس جي گڏيل ذميواري آهي. هن هدايت ڪئي ته پولنگ اسٽيشنن جو اڳواٽ تفصيلي جائزو ورتو وڃي، پولنگ عملي جي بروقت ٽريننگ ڪئي وڃي ۽ هڪ جامع ۽ فول پروف سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو وڃي، جيئن چونڊن دوران ڪنهن به رڪاوٽ يا ناخوشگوار واقعي کان بچي سگهجي.

ھن چيو ته ضلعي دادو جي تعلقه جوهي ۾ هڪ ۽ تعلقه دادو ۾ هڪ سيٽ تي ضمني بلدياتي چونڊون منعقد ٿينديون، جن لاءِ ڪل ڏهه پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، ضلعي اليڪشن ڪمشنر دادو اجلاس کي آگاهي ڏيندي چيو ته پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل شيڊيول مطابق ضلعي دادو جي تعلقه جوهي جي يونين ڪائونسل ڊرگھ بالا جي جنرل وارڊ جي هڪ سيٽ ۽ تعلقه دادو جي يونين ڪائونسل پير شاهنواز تي ضلعي ڪائونسل جي هڪ سيٽ تي 24 سيپٽمبر تي چونڊون ٿي رهيون آھن.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شفاف،منصفاڻي ۽ پرامن چونڊن لاءِ سڀ ادارا ويجهي رابطاڪاري   ۽ باهمي تعاون سان پنهنجا فرض انجام ڏيندا،

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو