نوابشاھ: ڀيڻ جي گمشدگي خلاف دولت ڪالوني جي رهواسي جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

Spread the love

نوابشاھ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) دولت ڪالوني جي رهواسي وقار علي ملاح پنهنجي ماءُ پروين سان گڏ نوابشاھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي ڀيڻ عرصہ جيڪا 5 ٻارن جي ماءُ آهي کيس مڙس علي گوهر ملاح ڪالھ تشدد جو نشانو بڻايو جنهن کان پوءِ منهنجي ڀيڻ گهران نڪري وئي آهي

اسان ڪافي گولا ڪئي آهي پر هن جو ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي اسان حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڪيو آهي پر پوليس گولا ۾ ڪابه مدد نه ٿي ڪري ھن ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته منھنجي ڀيڻ جي گولا ۾ مدد ڪئي وڃي

آگسٽ 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو