گڏاپ لڳ لٽ ون ڊيم ۾ ڏار، ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو – ڳوٺاڻن ۽ شهرين ۾ خوف جي لهر

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) گڏاپ لڳ هڪ سال اڳ 57 ايڪڙن تي 97 ڪروڙ روپين جي ڳري لاڳت سان تعمير ڪيل لٽ ون ڊيم برساتن جي تازي وسڪاري کان پوءِ پهريون دفعو مڪمل طور ڀرجي اٿلي پيو آهي. مقامي ذريعن موجب ڊيم جي ڀرجي وڃڻ سان گڏ ان جي مختلف حصن ۾ ڏار پئجي ويا آهن، جنهن ڪري ڪنهن به وقت ڊيم ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو آهي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڊيم جي تعمير دوران سرڪاري انجنيئرن طرفان گهٽ معيار ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو، جنهن جا نتيجا هاڻي سامهون اچي رهيا آهن.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڊيم ٽٽو ته گڏاپ جي ڪيترن ئي ڳوٺن سان گڏوگڏ ڪراچي شهر جا به ڪجهه حصا سخت متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان جو انديشو آهي علائقي واسي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن ۽ هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊيم ۾ پيل ڏارن کي فوري طور ڀريو وڃي ۽ ماهرن جي نگراني هيٺ ان جي حالت جو جائزو ورتو وڃي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪروڙين روپيا عوامي خزاني مان خرچ ڪيا ويا، پر هڪ سال جي اندر ئي ڊيم جي ڪمزورين سامهون اچڻ وڏي نااهلي ۽ ڪرپشن جو ثبوت آهي
ٻئي پاسي پاڻي کاتي جي ذميوارن دعويٰ ڪئي آهي ته صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي ۽ ايمرجنسي منصوبا تيار ڪيا ويا آهن، پر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته ڪنهن به وقت وڏي تباهي اچي سگهي ٿي
آگسٽ 21, 2025